ڀارت خطي ۾ ٽڪراءُ ۽ عدم استحڪام کي هٿي ڏئي رهيو آهي، غزا ۾ اسرائيلي ظلم جو مثال نه ٿو ملي: نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ

- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڀارت خطي ۾ ٽڪراءُ ۽ عدم استحڪام کي هٿي ڏئي رهيو آهي، غزا ۾ اسرائيلي ظلم جو مثال نه ٿو ملي، بيگناهه فلسطينين جي رتوڇاڻ جو ڪو جواز ناهي، معصوم ٻارن کي قتل سان اسرائيل پنهنجي جنونيت پوري ڪري رهيو آهي، دنيا ۾ انصاف ٿيندي نظر اچڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان ذميوار رياست طور اڀري رهيو آهي، عالمي امن لاءِ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، ملڪ کي معاشي طور مضبوط ڪرڻ لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته ترقي جي بنيادي ڍانچي جي اڏاوت وقت جي اهم ضرورت آهي، جديد دور جي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو. نگران وزيراعظم چيو ته چين جي معاشي ترقيءَ جو سفر جاري آهي،  چين معاشي ترقي ڪري دنيا ۾ مثال قائم ڪيو آهي، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ڪنهن هڪ ملڪ لاءِ ممڪن ناهي. انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته غزا ۾ اسرائيلي ظلم جو مثال نه ٿو ملي، بيگناهه فلسطينين جي رتوڇاڻ جو ڪو جواز ناهي، دنيا کي ڪشمير ۽ فلسطين مسئلن کي حل ڪرڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته معصوم ٻارن کي قتل سان اسرائيل پنهنجي جنونيت پوري ڪري رهيو آهي، دنيا ۾ انصاف ٿيندي نظر اچڻ گهرجي. انوار الحق ڪاڪڙ، هندستان ۾ اقليتن جي استحصال بابت ڊويزيئر لانچ ڪيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ڀارتي حڪومت 2014ع  کان ظلم ڪندي پئي اچي، 2021ع ۾ نفرت وارن ڏوهن جا 294 واقعا رپورٽ ٿيا
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9 ° C
9 °
9 °
29%
1.9m/s
0%
آچر
9 °
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °

تازه ترين خبرون