تازه ترين

فيض آباد ڌرڻو ڪيس: سڀني کي خبر آهي ته سڀ ڪجهه ڪير ڪري رهيو هو، پر ڪنهن ۾ انهن جو نالو وٺڻ جي جرئت ناهي: چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته سڀني کي خبر آهي ته ڪير سڀ ڪجهه ڪري رهيو هو، پر نالو وٺڻ جي ڪنهن ۾ همٿ ناهي نظرثاني اپيل داخل ڪرڻ ته ٺيڪ پر چئن ورهين کانپوءِ واپس وٺڻ عجيب آهي، ججن سميت هر ڪو احتساب جوڳو آهي، اهڙو تاثر آهي ته سپريم ڪورٽ به ٻاهران ڪنٽرول ٿي رهي آهي، چيو ويندو آهي ته فلاڻي ڪيس ۾ فلاڻو فيصلو ٿيندو، عدالت ۾ سچ ڪو به ناهي ڳالهائيندو ته ڪنهن جي چوڻ تي نظرثاني درخواست داخل ڪئي، درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ به هڪ فيصلو آهي، سڀ کان وڌيڪ احتساب جوڳا هو آهن.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ ٽي رڪني بئنچ فيض آباد ڌرڻو ڪيس ۾ عدالتي فيصلي تي عمل بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سوال ڪيو ته اوهان نظرثاني اپيل ڇو داخل ڪئي؟ ان تي وڪيل چيو ته ايجنسين جي رپورٽ سبب ڪجهه غلط فهميون ٿيون، جنهن تي نظرثاني داخل ڪئي.

چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته پاڪستان مذاق ته ناهي، ملڪ کي مذاق بڻايو ويو آهي، جنهن کي جيڪو وڻي ٿو ڪري ٿو، سڄي ملڪ کي نچايو ويو، پوءِ مٿان کان حڪم آيو ته نظرثاني واپس وٺڻ جو چيو ويو.

هن چيو ته نظرثاني اپيل داخل ڪرڻ ته ٺيڪ پر چئن ورهين کانپوءِ واپس وٺڻ عجيب آهي.

عدالت شيخ رشيد جي نظرثاني درخواست واپس وٺڻ تي خارج ڪري ڇڏي.

چيف جسٽس چيو ته ججن سميت هر ڪو احتساب جوڳو آهي، اهڙو تاثر آهي ته سپريم ڪورٽ به ٻاهران ڪنٽرول ٿي رهي آهي.

هن چيو ته چيو ويندو آهي ته فلاڻي ڪيس ۾ فلاڻو فيصلو ٿيندو، عدالت ۾ سچ ڪو به ناهي ڳالهائيندو ته ڪنهن جي چوڻ تي نظرثاني درخواست داخل ڪئي.

چيف جسٽس چيو ته ماڻهو نفرتون پکيري ماڻهو پاڻ پوئتي هٽي ويندا آهن، روڊ بند ڪندڙن ۽ ملڪيتون ساڙيندڙن کي هيرو چيو ويندو آهي، پهريان ڌرڻي جي حق ۾ بيان ڏنا ويا هاڻي عدالت اچي چئي رهيا آهن ته ڪيس نٿا هلائڻ چاهن.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ شيخ رشيد جي وڪيل چيو ته ڇا اوهان وري عوام جي خدمت ڪندا يا گهر ويهي الله الله ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي؟

هن چيو ته هتي ڪيس مقرر ٿيڻ به هڪ فيصلو هوندو آهي، مان سمجهان ٿو ته سڀ کان وڌيڪ احتساب جوڳا اسان آهيون.

چيف جسٽس چيو ته هتي اهو به فيصلو ٿيندو آهي ته ڪهڙو ڪيس مقرر ڪرڻو آهي ۽ ڪهڙو دٻائڻو آهي، هتي طئه ڪيو ويندو آهي ته اڄ درخواست آئي ته سڀاڻي مقرر ڪرڻي آهي، عدالتو هاڻي ائين نه هلنديون.

شيخ رشيد جي وڪيل چيو ته اڄ ڪلهه عدالتن جو اِهو حال آهي، ان تي چيف جسٽس چيو ته اڄڪلهه نه پر هيءَ مارچ 2018ع جي ڳالهه ٿي رهي آهي، فيصلن کان اڳ به فيصلا ٿيندا آهن.

چيف جسٽس چيو ته جيڪو اهو سمجهي ٿو ته عدالتون ڪنٽرول ٿي رهيون هيو ته هي ڪيس ان جو سڀ کان وڏو مثال آهي.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته خبر سڀني کي آهي ته ڪير اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيو هو پر نالو وٺڻ جي ڪنهن ۾ همٿ ناهي.

چيف جسٽس چيو ته دنيا ملڪ تي کِلي رهي آهي، ملڪ جو دشمن ڪو ٻاهريون ناهي، اندر سڀ ئي دشمن آهن.

جسٽس اطهر من الله چيو ته شيخ رشيد جو نالو آءِ ايس آءِ رپورٽ ۾ هو، هن پارليامينٽ ميمبر هوندي ڪارروائي ڇو نه ڪئي؟

اٽارني جنرل انڪوائري ڪميشن جو نوٽيفڪيشن سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ۽ ٻڌايو ته انڪوائري ڪميشن فيض آباد ڌرڻي جي جاچ ڪندي.

چيف جسٽس سوال ڪيو ته انڪوائري ڪميشن ۾ بچاءَ واري وزارت جي ڪنهن نمائندي کي شامل ڇو ناهي ڪيو ويو؟

هن چيو ته حڪومتي انڪوائري ڪميشن يا ته اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ آهي يا وري نئين تاريخ لکندي.

چيف جسٽس چيو ته کين اميد آهي ته انڪوائري ڪميشن آزاد ۽ شفاف جاچ ڪندي.

عدالت وفاقي حڪومت کي انڪوائري ڪميشن جي ٽي او آرز ۾ هڪ اضافو ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

 

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
8 ° C
8 °
8 °
50 %
2.2kmh
2 %
سُومر
15 °
اڱارو
16 °
اربع
16 °
خميس
16 °
جمعو
16 °

تازه ترين خبرون