پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون، معاهدي تحت پاڪستان 70 ڪروڙ ڊالر ملندا.
آءِ ايم ايف طرفان ڳالهين ۽ معاهدي جو پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي.
پڌرنامي ۾ چيو ويو ته پاڪستان آءِ ايم ايف جا سمورا حدف پورا ڪيا، جنهن بعد معاهدو طئه ٿي ويو.
جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته آءِ ايم ايف معاهدي تحت 70 ڪروڙ ڊالڙ ملندا، پاڪستان بجلي جا اگهه وقت سر ايڊجسٽ ڪيا، پاڪستان آءِ ايم ايف معاهدي موجب وقت سر قدم به کنيا.
آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ به مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي، پاڪستان کي مالياتي خسارو ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
پڌرنامي ۾ چيو ويو ته قرض پروگرام ذريعي پاڪستان خرچن ۾ گهٽتائي ڪندو، پاڪستان جي سرڪاري ادارن جا نقصان گهٽ ڪيا ويندا، پاڪستان ۾ روزگار جا موقعا وڌايا ويندا.