تازه ترين

سانگهڙ ڀرسان  وحشي جوابدار پنهنجي گهر واري ۽ ٻن معصوم نياڻين کي ڪهي ڇڏيو

سانگهڙ ڀرسان  وحشي جوابدار   پنهنجي گهر واري ۽ ٻن معصوم نياڻين کي ڪهي ڇڏيو.

منگلي ٿاڻي جي حد  ڳوٺ عبدالله لغاري ۾ جيءُ جهوريندڙ واقعو پيش آيو آهي جتي وحشي صفت جوابدار شان علي لغاري  پنهنجي گهر واري ۽ ٻن نياڻين کي  ڌار ڍار واري اوزار سان ڪهي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو.

قتل ٿيلن ۾ 35 ورهين جي رخسانه لغاري، ٽن ورهين جي نياڻي ساول ۽ ڏيڍ ورهين جي سنجها لغاري شامل آهي.

واقعي کانپوءِ ڳوٺ عبدالله لغاري ۾ سوڳ ڇائنجي ويو آهي،  جڏهن ته اطلاع تي منگلي پوليس پهچي جوابدارن سان لغاري کي گرفتار ڪري عورت ۽ سندس ٻن نياڻين جا لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال سانگهڙ پهچايا.

رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او منگلي پوليس ٻڌايو ته جوابدار ڪراچي ۾ ڊرائيورنگ ڪندو جيئن ئي هو شام جو ڪراچي کان گهر پهتو ته گهر اندر گهر واري ۽ ٻين نياڻين کي قتل  ڪرڻ بعد دانهون ڪرڻ شروع ڪيو.

پوليس ٻڌايو ته قتل جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، واقعي بابت جاچ ڪري حقيقتون سامهون آنديون وينديون.

جوابدار سان لغاري کي منگلي پوليس گرفتار ڪري ورتو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
116,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
46 %
4kmh
22 %
ڇنڇر
26 °
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون