تازه ترين

شهدادڪوٽ: دوست علي روڊ تي مبينا مقابلو، هڪ زخمي سميت 2 ڦورو گرفتار

شھدادڪوٽ پوليس مقابلي دوران هڪ زخمي سميت ٻن ڦورن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.

پوليس موجب، اي سيڪشن ٿاڻي جي حد دوست علي روڊ تي ڦر جي ارادي سان بيٺل هٿياربندن سان مقابلو ٿي پيو.

فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ زخمي ڦورو کي ساٿي سميت گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب، گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ ڪراچي واسي معشوق بروهي ۽ وزير علي لغاري طور ٿي.

پوليس موجب، جوابدار معشوق خلاف مختلف ٿاڻن تي 14 ۽ وزير لغاري خلاف 5 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن.

پوليس ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن جي خلاف وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
101,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
27 %
4.4kmh
2 %
اڱارو
13 °
اربع
15 °
خميس
16 °
جمعو
16 °
ڇنڇر
16 °

تازه ترين خبرون