حماس جي عسڪري ونگ برگيڊز 7 آڪٽوبر تي الاقصى آپريشن دوران اسرائيل مان يرغمال بڻايل ماڻهن کي الشفا اسپتال ۾ رکڻ بابت اسرائيلي دعوى کي رد ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي عسڪري ونگ برگيڊز 7 آڪٽوبر تي الاقصى آپريشن دوران اسرائيل مان يرغمال بڻايل ماڻهن کي الشفا اسپتال ۾ رکڻ بابت اسرائيلي دعوى کي رد ڪري ڇڏيو. جي ترجمان ابو عبيده پنهنجي بيان ۾ ۾ چيو ته يرغمالين کي اسپتال ۾ ناهي رکيو ويو پر ڪجهه يرغمالين جي طبيعت خراب هجڻ ڪري حياتيون بچائڻ لاءِ اسپتال آندو ويو هو. ابو عبيده پنهنجي بيان ۾ دعوى ڪئي ته غزه ۾ گذريل 4 ڏينهن دوران 62 اسرائيلي فوي گاڏين کي نقصان پهچايو آهي. القسام برگيڊجي بيان موجب، سندس ويڙهاڪ دشمن جي فوج ۽ گاڏين جو گھٽي گھٽيءَ ۾ پيڇو ڪري رهيا آهن. القسام برگيڊ ابو عبيده جو چوڻ هو ته هنن پاڻ کي ڊگھي ۽ لاڳيتي دفاع لاءِ تيار ڪيو آهي. ابو عبيد جو وڌيڪ چوڻ هو ته ميدان ۾ مارجي ويل اسرائيلي فوجين جو انگ جلد يا دير اسرائيل تائين پهچي ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
16%
0.9m/s
0%
سُومر
29 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون