- Advertisement -
صحت واري نگران وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز چيو آھي تھ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ايم ڊي ڪيٽ جي ٻيھر ٽيسٽ ورتي وئي آھي، تعليمي ادارن ۾تعداد وڌائڻ سان فرق نھ پوندو، معيار کي برقرار رکڻ مقصد آھي.
صحت واري نگران وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز ايڪسپو سينٽر ۾ ايم ڊي ڪيٽ امتحاني مرڪز جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو.
ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جا انتظام سنڀاليندڙن طرفان صحت واري نگران وزير کي بريفنگ ڏني وئي.
صحت واري نگران وزير ايم ڊي ڪيٽ امتحان جي بھترين انتظامن تي ڊائو يونيورسٽي انتظاميھ کي واڌايون ڏنيون.
صوبائي نگران وزير ڊاڪٽر خالد سعد نياز چيو تھ ڊائو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر سعيد قريشي ۽ سندس ٽيم امتحان ۾ اڻٿڪ محنت ڪئي آھي.
ان موقعي تي ڊاڪٽر خالد سعد نياز ٽيسٽ ڏيندڙ شاگردن جي والدين سان پڻ ملاقات ڪئي.
شاگردن جي والدين بھتر انتظامن ۽ سھولتون ڏيڻ تي صحت واري نگران وزير جا ٿورا مڃيا.
ميڊيا سان ڳالھائيندي صحت واري نگران وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز چيو تھ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي شاگردن کان ٻيھر ٽيسٽ ورتي آھي.
ھن چيو تھ 41 ھزار کان وڌيڪ شاگردن جو امتحان وٺڻ ڏکيو ٽاسڪ آھي.
سندس چوڻ ھو تھ تعليمي ادارن ۾تعداد وڌائڻ سان فرق نھ پوندو، معيار کي برقرار رکڻ مقصد آھي..- Advertisement -
