سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سان ايران جي سفير رضا اميري مغدام ملاقات ڪئي جنھن دوران ٻه طرفي واپار، گڏيل ۽ دلچسپي جي معاملن بابت ڳالهين سميت اسرائيل طرفان فلسطينين جي قتل عام جي مذمت ڪئي وئي.
ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سان ايران جي سفير رضا اميري مغدام ملاقات ڪئي آھي.
ملاقات دوران ٻه طرفي واپار، گڏيل ۽ دلچسپي جي معاملن بابت ڳالهين سميت اسرائيل طرفان فلسطينين جي قتل عام جي مذمت ڪئي وئي.
نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو تھ ٻنهي ملڪن وچ ۾ بارڊر مارڪيٽ کلي ويا آھن جنھن تي ايراني سفير چيو ته وڌيڪ ٻه بارڊر مارڪيٽ به جلد کلي ويندا.
نگران وڏي وزير مقبول باقر چيو تھ ٻنھي ملڪن وچ ۾ ساليانو واپار 2 ڏھائي 4 بلين ڊالر تائين پھچي ويو آھي.
ايراني سفير رضا اميري مغدام چيو تھ جلد ساليانو واپار 5 بلين ڊالرز تائين ٿي ويندو، اسلام آباد کان تھران وچ ۾ روڊ ۽ ريل جو پراجيڪٽ آھي ھي رستو وقت گذرڻ سان ترڪي کي بھ ملائيندو.
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو تھ ٻنھي ملڪن وچ ۾ بھتر واپار بابت ڳالھيون جاري آھن جنھن تي ايراني سفير چيو تھ سي پيڪ ايران جي سرحد سان اچي رھي آھي اھا بھ ٻنھي ملڪن کي ملائي ڇڏيندي.
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو تھ ٻنھي ملڪن وچ ۾ بينڪنگ جو فارمولا سسٽم ڪرڻ جي ضرورت آھي، پاڪ ايران لاڳاپا پراڻا آھن جيڪي وڌيڪ مضبوط ٿي رھيا آھن، اميد آھي تھ ايران پاڪستان گيس پائپ لائن جو مسئلو بھ جلد حل ٿي ويندو.
نگران وڏي وزير چيو تھ ماضي ۾ ايراني ريسٽورنٽس ۽ بيڪرن سميت ٻيو ڪاروبار ڪراچي ۾ ڪندا ھئا، ھاڻي ايراني واپاري ڪراچي ۾ گھٽ ٿي ويا آھن جنھن کي وڌائڻ گھرجي.
ايراني سفير چيو تھ ھن خطي ۾ 800 سال فارسي زبان ھلندي ھئي جنھن تي نگران وڏي وزير چيو تھ ھن پاڻ فارسي سيڪنڊري تعليم جي شروعات ۾ فارسي پڙھي ھئي.
ايراني سفير رضا اميري مغدام چيو تھ سازش تحت فارسي زبان کي ختم مان گھٽ ڪيو ويو، ھندستان ۽ پاڪستان جي ورھاست سازش تحت اھڙي طرح ڪئي وئي تھ جيئن ڪشمير جو مسئلو ھلندو رھي.
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر پاران ايراني عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جو پيغام ڏنو ويو.