اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگبندي ختم ٿيڻ کانپوءِ غزا تي هڪ دفعو ٻيهر حملا شروع،32 فلسطيني شهري شهيد

- Advertisement -
اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ ستن ڏينهن واري جنگبندي ختم ٿيندي ئي اسرائيلي فوج غزا تي وحشياڻا حملا شروع ڪري ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ ٻارڙن ۽ عورتن سميت 32 فلسطيني شهري شهيد ٿي ويا. اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ غزا ۾ جاري ستن ڏينهن جي جنگبندي بنا ڪنهن واڌ جي ختم ٿي وئي. اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ ستن ڏينهن واري جنگبندي ختم ٿيندي ئي اسرائيلي فوج غزا تي وحشياڻا حملا شروع ڪري ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ ٻارڙن ۽ عورتن سميت 32 فلسطيني شهري شهيد ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب، اسرائيل، حماس تي جنگبندي جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳائڻ بعد غزا تي ٻيهر فوجي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته  غزا ۾ ستن ڏينهن جي جنگبندي ختم ٿيڻ بعد اتر غزا ۾ ڌماڪا ۽ فائرنگ جا اطلاع مليا آهن. فلسطيني ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج حماس سان عارضي جنگبندي جي خاتمي کانپوءِ غزا تي ٻيهر حملا شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. فلسطيني ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج اتر غزا ۾ حملا ڪيا آهن، اسرائيلي فوج الزام هندو آهي ته حماس جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ اسرائيلي علائقي طرف فائر ڪيا. ميڊيا رپورٽن موجب، اسرائيلي فوج خان يونس جي اوڀر علائقي تي بمباري ڪئي آهي. فلسطيني ميڊيا جو چوڻ آهي ته غزا تي اسرائيلي جاسوس جهازن اڏامون به ڪيون آهن ۽ اتر غزا جي علائقي جباليا ۾ گهر کي نشانو بڻايو ويو آهي جڏهن ته مختلف علائقن ۾ چڪريون جاري آهن. اسرائيل جي الزام تي اڃا تائين حماس طرفان فوري طور تي ڪوبه بيان جاري ناهي ڪيو ويو. اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ غزا ۾ جنگبندي جي شروعات 24 نومبر کان ٿي هئي جنهن ۾ 3 ڀيرا واڌ ٿي ۽ جمعي جي صبح جنگبندي جو وقت ختم ٿي ويو جنهن ۾ ڪابه واڌ نه ڪئي وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.6 ° C
21.6 °
21.6 °
50%
1.9m/s
0%
سُومر
30 °
اڱارو
31 °
اربع
33 °
خميس
29 °
جمعو
24 °

تازه ترين خبرون