- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اهم فيصلو ڪيو آهي جنهن موجب چيف جسٽس کي مليل مهانگيون گاڏيون نيلامي ڪيون وينديون.
سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار، چيف جسٽس گاڏين جي نيلامي لاءِ سيڪريٽري ڪابينا ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب کي خط لکي ڇڏيو.
خط ۾ چيو ويو آهي ته 2020ع ۾ خريد ڪيل 61 ملين جي مرسڊيز بينز نيلام ڪئي ويندي جڏهن ته پنجاب حڪومت طرفان فراهم ڪيل بلٽ پروف لينڊ ڪروزر به نيلام ڪئي ويندي.
خط موجب، آئيني عهدن لاءِ مهانگيون گاڏيون ٻاهران گهرائڻ مناسب ناهي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ٻئي گاڏيون استعمال ناهن ڪيون، گاڏين جي نيلامي مان حاصل ٿيندڙ رقم پبلڪ ٽرانسپورٽ تي خرچ ڪئي وڃي.
سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار طرفان لکيل خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي علم ۾ آيو ته سپريم ڪورٽ چيف جسٽس لاءِ سيپٽمبر 2020ع ۾ 6 ڪروڙ 10 لکن جي نئين مرسڊيز بينز خريد ڪئي، چيف جسٽس لاءِ هڪ بلڪل نئين بلٽ پروف ٽويوٽا لينڊ ڪروزر به پنجاب حڪومت فراهم ڪئي، ٻئي گاڏيون جي او آر لاهور ۾ سپريم ڪورٽ ريسٽ هائوس ۾ بيٺل آهن.
خط ۾ چيو ويو آهي ته قائدن موجب چيف جسٽس ۽ هر جج کي 2، 2 گاڏيون فراهم ڪيون ويون آهن، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نه ته مرسڊيز استعمال ڪري رهيو آهي نه ئي بلٽ پروف لينڊ ڪروزر گاڏي، آئيني ۽ عوامي عهديدارن جي استعمال ۾ قيمتي امپورٽيڊ گاڏيون قومي ناڻي تي غير مناسب بار آهن ٻنهي گاڏين کي وڪرو ڪري اها رقم پبلڪ ٽرانسپورٽ تي خرچ ڪئي وڃي………..- Advertisement -
