تازه ترين

پاڪستان غزا ۾ مستقل جنگبندي، اسپتالن، مسجدن ۽ رهائشي علائقن تي حملن جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
پاڪستان غزا ۾ مستقل جنگبندي، اسپتالن، مسجدن ۽ رهائشي علائقن تي حملن جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته اسرائيل جي جنگي ڏوهن تي دنيا کي ڳالهائڻ گهرجي، يهودي فوج اسپتالن ۽ ايمبولينسن کي نشانو بڻائي رهي آهي، ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جا ظلم جاري آهن،  ڀارت والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي فوري طور بند ڪري. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان کي هٿين خالي فلسطينين تي ٻيهر بمباري جي شروعات تي سخت مايوسي ٿي آهي، عالمي برادري فلسطينين تي جاري بمباري روڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري. سندس چوڻ هو ته اسرائيل طرفان اسپتالن، مسجدن، تعليمي مرڪزن، پناهگير ڪيمپن ۽ رهائشي علائقن تي حملا ڪيا ويا پاڪستان اسرائيل جي اسپتالن، مسجدن ۽ رهائشي علائقن تي حملن جي جاچ جو مطالبو ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته فلسطين جي صورتحال تي ڳڻتي آهي، فلسطينين سان غير امتيازي سلوڪ بند ٿيڻ گهرجي، غزا ۾ ظلم جي نئين داستان رقم ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪستان هٿين خالي فلسطينين سان گڏ بيٺل آهي، نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ دنيا ۾ فلسطين جي حق ۾ آواز اٿاريو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته اسرائيل جي جنگي ڏوهن تي دنيا کي ڳالهائڻ گهرجي، يهودي فوج اسپتالن ۽ ايمبولينسن کي نشانو بڻائي رهي آهي، هو فلسطين ۾ جاري بربريت جي مذمت ڪنا ٿا، عالمي برادري فلسطين جي صورتحال تي فوري فيصلائتا قدم کڻي. ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن، ڪشميري عوام سان ظلم جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
27 ° C
27 °
27 °
45 %
4.4kmh
79 %
اربع
28 °
خميس
34 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °

تازه ترين خبرون