- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي قسمت پراڻي سياست ڪندڙ ٻن ماڻهن حوالي نه ڪئي وڃي، خبر آهي ته ملڪ ۾ چونڊون ڪيئن ٿينديون آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ شخص چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿي ملڪ جا مسئلا حل ڪندو، ٻئي طرف هزارا جي شهرين کي بليڪ ميلر قرار ڏيندڙ شخص آهي، پراڻي طرز جي سياست ڇڏڻي پوندي، پوڙها سياستدان ملڪ ۾ نئين سياست ڪيئن ٿا آڻي سگهن، عوام فيصلو ڪري ته ڪير به رستو روڪي نه سگهندو، بلوچ نوجوانن کي درخواست آهي ته 8 فيبروري تي سرپرائيز ڏنو وڃي، نفرت ۽ ورهائڻ جي سياست ڪندڙن کي هاڻي موقعو نه ملڻ گهرجي.
ڪوئيٽا ۾ بلوچستان هائيڪورٽ بار کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 8 فيبروري تي اليڪشن ٿي رهي آهي، عوام کي معيشيت ۽ سياست ۾ ڀائيوار بڻائڻو پوندو، پراڻي سوچ کي ڇڏڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي قسمت پراڻي سياست ڪندڙ ٻن ماڻهن حوالي نه ڪئي وڃي، خبر آهي ته ملڪ ۾ چونڊون ڪيئن ٿينديون آهن.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻڌايو پيو وڃي ته ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ شخص چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿي ملڪ جا مسئلا حل ڪندو، ٻئي طرف هزارا جي شهرين کي بليڪ ميلر قرار ڏيندڙ شخص آهي، پراڻي طرز جي سياست ڇڏڻي پوندي، پوڙها سياستدان ملڪ ۾ نئين سياست ڪيئن ٿا آڻي سگهن.
هن چيو ته ملڪ جي مستقبل جو فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي، عوام فيصلو ڪري ته ڪير به رستو روڪي نه سگهندو، هو پاڪستان کي ماڊرن رياست طور پيش ڪري سگهن ٿا.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بلوچ نوجوانن کي درخواست آهي ته 8 فيبروري تي سرپرائيز ڏنو وڃي، نفرت ۽ ورهائڻ جي سياست ڪندڙن کي هاڻي موقعو نه ملڻ گهرجي هو ملڪ جي قسمت بدلائي سگهن ٿا، ايترا وسيلا سڄي ملڪ ۾ ناهن جيترا بلوچستان ۾ آهن.- Advertisement -
