تازه ترين

غزا ۾ جنگبندي بعد اسرائيل جا ٻيهر حملا جاري، 184 فلسطيني شهيد، 600 کان وڌيڪ زخمي

- Advertisement -
اسرائيلي 7 ڏينهن جي جنگبندي ختم ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي وحشيت ٻيهر سروع ڪري ڇڏي آهي، يهودي فوج جي غزا تي بمباري ۾ ٽن صحافين سميت 178 فلسطيني شهيد ٿي ويا. غير ملڪي ميڊيا موجب وچ غزا، اولهه ۽ ڏکڻ جي علائقن ۾ تقريبن 200هنڌن تي بمباري ڪئي، جڏهن ته خان يونس ۽ جباليه ۾ گهر کي نشانو بڻايو. يهودي فوج صبح ٿيندي ئي بمباري شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ٽن صحافين،  عورتن ۽ ٻارڙن سميت 178 شهري شهيد ٿي ويا. غير ملڪي ميڊيا موجب مختل علائقن ۾ اسرائيلي فوج ۽ حماس ويڙهاڪن ۾ چڪريون جاري آهن. اسرائيل حماس تي جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪري جو الزام هڻندي غزا تي ٻيهر حملا شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. 7 آڪٽوبر کانپوءِ غزا ۾ جاري اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ 15 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهري شهيد ٿي چڪا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.6 ° C
31.6 °
31.6 °
28 %
3.7kmh
9 %
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
34 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون