- Advertisement -
لاڙڪاڻي ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي دوران مبينا دهشتگرد کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
سي ٽي ڊي پوليس لاڙڪاڻي ڀرسان نئون ديرو روڊ ريڊيو اسٽيشن وٽ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم جي نور حسين عرف لطيف ٽالاڻي ڊومڪي گرفتار ڪري ورتو.
سي ٽي ڊي پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار نور حسين عرف لطيف ٽالاڻي ڊومڪي جو تعلق بي آر جي ( بلوچ ريپبليڪن گارڊ ) سان آهي جنهن جي قبضي مان 5 عدد ڊيٽونيٽر، هڪ ميٽر تار ۽ 400 گرام بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي.
سي ٽي دي موجب جوابدار ريپبليڪن گارڊ جي سربراهه سان رابطي ۾ آهي، هي اهو ئي گروپ آهي جيڪو بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ، بم ڌماڪن ۽ تخريبڪاري جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث آهي.
پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار گينسو ڪمپني سنڌ سالڊ ويسٽ مئنجيمينٽ پراجيڪٽ لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير چائنيز تي مڪمل ريڪي ڪئي هئي، جوابدار ٽي مهينا اڳ لاڙڪاڻي اچي رهائش اختيار ڪئي ۽ چائنيز جي ريڪي ڪندو رهيو جنهن کي ڪاروائي ڪرڻ کان اڳ گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب گرفتار جوابدار جاچ دوران ٻڌايو ته هن 26 آگسٽ 2018 تي پنهنجي ٻن ساٿين سان گڏجي ايف سي چيڪ پوسٽ بلوچستان جي مٺهڙي ايريا تي راڪيٽ لانچر سان حملو ڪيو ۽ ان ئي سال ڊي سي چوڪ ڊيرا مراد جمالي ۾ موٽرسائيڪل ۾ آءِ اِي ڊي نصب ڪري ڌماڪو ڪرڻ سان گڏ 2018 ۾ بلوچستان جي ٽهڙي روڊ جي ٺيڪيدار کي مارڻ لاءِ روڊ تي مائين بم لڳايو جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه شهري زخمي ٿيا هئا.- Advertisement -
