تازه ترين

ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جون اولهه جي ملڪن ۾ دهشتگرد ڪارروايون وائکيون ٿي ويون

- Advertisement -
ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جون اولهه جي ملڪن ۾ دهشتگرد ڪارروايون وائکيون ٿي ويون، را پهريون ڀيرو اتر آمريڪا ۾ پنهنجا آپريشن بند ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو، آمريڪا ڀارتي سفارتخاني ۽ قونصليٽ مان راءِ جي ايجنٽن کي نيڪالي ڏئي ڇڏي. خالصتان جي حامي ڪارڪنن خلاف قتل واري مهم ۾ را جي مبينا شموليت بابت آمريڪا سنجيدگي سان نوٽيس ورتو. ڀارتي انٽيليجنس ايجنسي را سڄي دنيا ۾ خاص طور اولهه ملڪن ۾ پنهنجو نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ 2008ع کانپوءِ وڌيڪ تيزيءَ سان شروع ڪيو جنهن جو مقصد سڄي دنيا ۾ ڀارت مخالف ڪنهن به تحريڪ خلاف ڪارروائي ڪرڻ هو. را سکن خلاف هڪ منظم مهم هلائي ۽ اولهه ملڪن ۾ رهندڙ سکن جي قتل جو منصوبو جوڙيو، سڀ کان پهريان ڪينيڊا را جي ڪارروائي کي عالمي سطح تي وائکو ڪيو پر ڀارت ان کي رد ڪري ڇڏيو جڏهن ته تازو آمريڪا به را جي ايجنٽن جو نيٽ ورڪ وائکو ڪيو. آمريڪا ڀارتي سفارتخاني ۽ قونصليٽ مان را جي ايجنٽن کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. آمريڪي اختيارين پاران نيڪالي ڏنل اهلڪارن سان فرانسسڪو ۾ را اسٽيشن جي سربراهه ۽ لنڊن ۾ را آپريشنز جو سيڪنڊ ان ڪمانڊ هو، سان فرانسسڪو ۾ را جي آفيسر جي نيڪالي سان گڏ ان خدشي جو اظهار ڪيو ويو ته ته جيڪڏهن را اولهه ۾ ڪارروايون جاري رکيون ته آمريڪا ڀارت سان سهڪار نه ڪندو. را خالصتان تحريڪ جي ڪيترن ئي سرگرم ڪارڪنن کي قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي جڏهن ته آمريڪا را خلاف ڪارروائي ڪندي نکل گپتا کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو. نکل گپتا کي آمريڪا ۾ را هڪ سک آمريڪي شهري کي قتل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو. را جون ڪارروايون عالمي سطح تي خاص طور هن وقت ڌيان جو مرڪز بڻيون جڏهن ته سيپٽمبر 2023ع ۾ ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو اهو الزام هنيو هو ته جون ۾ وينڪوور جي علائقي ۾ سک عليحدگي پسند اڳواڻ هرديپ سنگهه نجار جي قتل ۾ ڀارتي حڪومت جو ايجنٽ ملوث هو. سيپٽمبر 2023ع ۾ ڪينيڊين وزيراعظم، را کي هرديپ سنگهه جي قتل ۾ ملوث قرار ڏنو ۽ ڀارتي سفير کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو هو. ڪينيڊا جي وزيراعظم جي بيان کانپوءِ را جو عالمي سطح تي دهشتگرد تنظيم هجڻ جو تاثر سامهون آيو آهي. برطانوي انٽيليجنس ايجنسي، را جي اڳوڻي چيف آفيسر سمنت ڪمار گوئيل جي نشاندهي به ڪئي ۽ تحريڪ خالصيان جي سکن خلاف وڌندڙ دهشتگردي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. گذريل هفتي، پاڪستان پڻ عالمي سطح تي جاسوسي ۽ عدالت کان مٿانهين قتل سميت ڀارت کي ڳجهي ڪاررواين جي خطرناڪ پکيڙ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو ۽ انهن ڪاررواين کي عالمي قانون جي واضح ڀڃڪڙي قرار ڏيندي مذمت ڪئي هئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
9 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
few clouds
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
35 %
2.5kmh
11 %
سُومر
30 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °
خميس
34 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون