تازه ترين

رائيونڊ جو وزيراعظم چاهي ٿو ته کيس چوٿون ڀيرو سليڪٽ ڪيو وڃي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته رائيونڊ جو وزيراعظم چاهي ٿو ته کيس چوٿون ڀيرو سليڪٽ ڪيو وڃي، جيڪو ٽي ڀيرا فيل ٿيو، اهو چوٿون ڀيرو ڪهڙا تير هڻندو، ميان صاحب سليڪشن نه پر اليڪشن کٽي اچو، نوازشريف چوٿون ڀيرو به سليڪٽ ٿي آيو ته نه عوام نه ئي هو تسليم ڪندا، ملڪ جون معاشي حالتون انتقام جي سياسي يا ڪنهن کلاڙيءَ کي  برداشت نه ڪري سگهنديون.

تيمرگرهه ۾ ورڪرز ڪنويشن کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته رائونڊ جو وزيراعظم چاهي ٿو ته کيس چوٿون ڀيرو سليڪٽ ڪيو وڃي، جيڪو ٽي ڀيرا فيل ٿيو، اهو چوٿون ڀيرو ڪهڙا تير هڻندو.

هن چيو ته نوازشريف انهن سان ئي ٽڪراءُ ڪيو، جن کيس ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ڏياري، ميان صاحب هڪ ڀيرو وري حڪومت ڏياريندڙن سان وڙهندو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن چوٿون ڀيرو نوازشريف وزيراعظم بڻيو ته روايتي  پراڻي سياست ڪندو، هو ٽي ڀيرا ڀوڳي چڪا آهن، ميان صاحب جن کان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت گهري رهيا آهي اهي چئي رهيا آهن ته ڪٿان ڏيون؟

پ پ چيئرمين چيو ته زمان پارڪ جي وزيراعظم عوام سان ڪوڙا وعدا ڪيا هئا، سندس دور ۾ انتقامي سياست عروج تي هئي، هڪ سياسي پارٽي چاهي ٿي ته اليڪشن کٽِي مخالفن کان بدلو ورتو وڃي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته زمان پارڪ يا رائيونڊ وارو سندن سياسي مخالف ناهي، سندن مقابلي مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاريءَ سان آهي، هو واعدو ٿو ڪري ته ڀــُـٽي جو اٽي، لٽي ۽ اجهي وارو نعرو پورو ڪري شهيد راڻيءَ جو خواب پورو ڪندا.

پ پ چيئرمين چيو ته عوام ساٿ ڏنو ته پيپلزپارٽي حڪومت ٺاهيندي، هنن سدائين اليڪشن جو مطالبو ڪري سليڪشن خلاف ڪم ڪيو، ميان صاحب کي چئلينج آهي ته سيلڪشن سان نه پر اليڪشن وڙهي اچيَ.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ميان صاحب ووٽ جي عزت واري سياست ڪري، جيڪڏهن نوازشريف چوٿون ڀيرو به سليڪٽ ٿي آيو ته هو  عوام سان گڏ بيهي هر سليڪٽيڊ جو مقابلو ڪندو.

پ پ چيئرمين چيو ته ملڪ جو معاشي حالتون اهڙيون ناهن ته هو انتقام جي سياست يا کلاڙيءَ کي برداشت ڪن، 8 فيبروري تي عوام هڪ ڀيرو ٻيهر پ پ کي ڪامياب ڪندو

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
40 %
4.4kmh
97 %
جمعو
28 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
30 °

تازه ترين خبرون