اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ شيڊول تي عمل شروع ڪندي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ  اميدوارن جي گهٽ ۾ گهٽ عمر 25 سال مقرر ڪري ڇڏي

- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ شيڊول تي عمل شروع ڪندي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ  اميدوارن جي گهٽ ۾ گهٽ عمر 25 سال مقرر ڪري ڇڏي، ترجمان جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبليءَ جي سيٽ لاءِ اميدوار پاڪستان ۾ ڪنهن به هنڌ جو ووٽر هجي، صوبائي اسيمبلي جي سيٽ لاءِ اميدوار جو تعلق لاڳاپيل صوبي سان هئڻ گهرجي،  اميدوارن کي پنهنجي، گهر واري،  مڙس يا سنڀال هيٺ ٻارڙن جا تفصيل ڏيڻا پوندا. اليڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيملبين جي اليڪشن وڙهڻ لاءِ اهليت جي معيار بابت قائده جاري ڪري ڇڏيا. اليڪشن ڪميشن موجب، قومي اسيمبلي جي سيٽ لاءِ اميدوار پاڪستان جو شهري هجي ۽ سندس عمر 25 سال کان گهٽ نه هجي، اميدوار کي ملڪ جي ڪنهن به هنڌ جو ووٽر هجڻ ضروري آهي، صوبائي اسيمبلي جي سيٽ لاءِ اميدوار لاڳاپيل صوبي جو ووٽر هجي، قومي اسيمبليءَ جي عورتن جي مخصوص سيٽن لاءِ اميدوار جو لاڳاپيل صوبي جو ووٽر هجڻ لازمي آهي. اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل قاعدن ۾ چيو ويو آهي ته اميدوار جي اهليت ۽ نااهليءَ جا تفصيل آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 ۾ لکيل آهن. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته مخصوص سيٽن لاءِ اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ لاڳاپيل سياسي پارٽين جي ترجيحي لسٽ ۾ هئڻ گهرجن، چونڊ خرچن جي حوالي سان هر اميدوار يا ته ڪنهن شيڊول بئنڪ ۾ خاص اڪائونٽ کوليندو يا موجوده بئنڪ اڪائونٽ جا تفصيل نامزدگي ڪاغذت ۾ ظاهر ڪندو. چونڊ اميدوارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت بئنڪ اسٽيٽمينٽ لڳائڻ لازمي آهي، بئنڪ اسٽيٽمينٽ جاري ڪرڻ وقت اميدوار کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته بئنڪ اسٽيٽمينٽ ۾ ٽرانزيڪشن جا تفصيل لکيل آهن. اليڪشن ڪميشن طرفان چيو ويو آهي ته اميدوار نامزدگي ڪاغذن سان گڏ قسم نامو اسٽيمپ پيپر تي ڏيندو، جنهن جي تصديق اوٿ ڪمشنر کان ڪرائيندو، اميدوارن کي پنهنجي، گهر واري،  مڙس يا سنڀال هيٺ ٻارڙن جا تفصيل ڏيڻا پوندا. اليڪشن ڪميشن طرفان وڌيڪ چيو ويو آهي ته نامزدگي ڪاغذن جي اجازت نامي جي تصديق نوٽري يا اوٿ ڪمشنر کان ڪرائي وڃي،  اميدوار نامزدگي ڪاغذن تي مقرر ڪيل جاءِ تي پنهنجي تازي تصوير لڳائيندو. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبليءَ جي اميدوار جي في 30 هزار رپيا ۽ صوبائي اسيمبلي اميدوار جي في 20 هزار رپيا آهي جيڪا واپس نه ٿيندي، اميدوار نامزدگي ڪاغذ آفيس ٽائيم صبح ساڍي اٺين وڳي کان شام ساڍي چار وڳي تائين جمع ڪرائي سگهندا. اليڪشن ڪميشن ٻاهران نامزدگي ڪاغذ وٺڻ لاءِ ڪائونٽر قائم ڪيا ويا آهن، سڄي ملڪ جي آر اوز آفيسن ۾ پبلڪ نوٽيس لڳايا ويا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.6 ° C
15.6 °
15.6 °
26%
1.9m/s
1%
آچر
22 °
سُومر
22 °
اڱارو
22 °
اربع
23 °
خميس
23 °

تازه ترين خبرون