جعلي ڊگري ڪيس : ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي جو اڳوڻو چيئرمين شيخ اختر گرفتار

- Advertisement -
ايف آءِ اي ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي جي اڳوڻي چيئرمين شيخ اختر کي جعلي ڊگري ۽ ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي سينٽرل ڪورٽ جي جج شاهه رخ ارجمند، شيخ اختر جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت رد ڪئي. ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل، شيخ اختر کي عدالت مان ضمانت رد ٿيڻ بعد گرفتار ڪيو. ايف آءِ اي موجب، اڳوڻي ڊريپ چيئرمين شيخ اختر تي جعلي ڊگري اڍائي ارب رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي. ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته شيخ اختر جعلي ڊگري تي ڊرگ ريگوليٽر اٿارٽي جو سي اي او جي مقرري حاصل ڪئي هئي. ايف آءِ اي ترجمان موجب، ملازمت لاءِ جوابدار جي پيش ڪيل پي ايڇ ڊي جي ڊگري جعلي نڪتي. ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار 2018ع ۽ 2019ع دوران سي اي او ڊريپ مقرر رهيو، جوابدار کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.1 ° C
20.1 °
20.1 °
21%
3.4m/s
4%
جمعو
20 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °
سُومر
22 °
اڱارو
22 °

تازه ترين خبرون