اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي، بيٽ جو نشان واپس

- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊ ڪالعدم قرار ڏيندي بيٽ جو نشان واپس وٺي ڇڏيو. چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني ڪميشن پي ٽي آءِ جي انٽراپارٽي اليڪشن جو فيصلو ٻڌايو. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ پنهنجي پارٽي چونڊ آئين موجب ناهي ڪرائي، جنهن بعد تحريڪ انصاف بيٽ جي نشان لاءِ اهل نه آهي. اليڪشن ڪميشن  جي فيصلي بعد بيرسٽر گوهر علي چيئرمين پي ٽي آءِ نه رهيو آهي. ٻي طرف تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بيرسٽر گوهر خان جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن تي سندن خدشا آهن، آئين جي ڪهڙي شق جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. بيرسٽر گوهر چيو ته اليڪشن ڪميشن سندن چونڊن نشان واپس وٺڻ جو ارادو ڪري رکيو هو، صرف سندن پارٽي جي اليڪشن ڏٺي وئي، باقي پارٽين کي ڇڏيو ويو. هن چيو ته جون 2022 تي پارٽي اليڪشن ٿي، اليڪشن ڪميشن ان کي به قبول نه ڪيو،  اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف هاءِ ڪورٽ ويندا، چونڊ جو بائيڪاٽ نه ڪيو ويندو. هوڏانهن پي ٽي آءِ ترجمان معظم بٽ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف اڄ عدالت سان رابطو ڪيو ويندو، انٽراپارٽي  چونڊ ڪالعدم قرار ڏيڻ جو فيصلو بدنيتي تي ٻڌل آهي، اليڪشن ڪميشن چونڊ عمل جي توهين ڪئي آهي…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
13 ° C
13 °
13 °
34%
2.2m/s
52%
اربع
13 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون