حڪومت طرفان آئيني ترميمن جو پيڪيج پارليامينٽ ۾ اڄ پيش ڪرڻ امڪان آهي، جڏهن ته سينيٽ ۾ حڪومت کي ترميمون منظور ڪرائڻ ۾ ڏکيائيون آڏو آهن.
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ آئيني ترميمن جو تجويز ڪيل پيڪيج اڄ بدران آچر ڏينهن پيش ڪيو ويندو.
ذريعن موجب ن ليگ ميمبر حمزا شهباز فرانس ۽ جي يو آءِ ميمبر مولانا عبدالغفور حيدري چين کان واپس اچي ويندا.
اعليٰ حڪومتي ذريعن دعويٰ ڪئي ته آئيني ترميمون اڄ پارليامينٽ ۾ پيش ڪيون وينديون.
ذريعن موجب قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس اڄ گهرائڻ جو امڪان آهي.
حڪومت کي آئيني ترميمن جي منظوريءَ لاءِ سينيٽ ۾ به ڏکيائيون آهن.
حڪومتي ذريعن موجب سيينٽ ۾ آئيني ترميم لاءِ حڪومت کي 64 ميمبرن جي حمايت گهربل آهي، جنهن لاءِ جي يو آءِ جا 6 ووٽ ملڻ جي صورت ۾ اهو انگ پورو ٿيندو.
ذريعن موجب جي يو آءِ حمايت ڪري ته به هڪ ووٽ کــُـٽندو، ڇاڪاڻ ته سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني آئيني ترميم ۾ ووٽ نٿو وجهي سگهي ۽ چيئرمين جي موجودگيءَ ۾ ڪو ٻيو چيئرمين جي ڪرسيءَ تي نه ويهي سگهندو…….
حڪومت طرفان آئيني ترميمن جو پيڪيج پارليامينٽ ۾ اڄ پيش ڪرڻ امڪان آهي.
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.7
°
C
8.7
°
8.7
°
26%
1.7m/s
0%
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
18
°


