قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران ن ليگ ۽ پ پ، پي ٽي آءِ بانيءَ جي بيان تي سخت تنقيد

- Advertisement -
قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران ن ليگ ۽ پ پ، پي ٽي آءِ بانيءَ جي بيان تي سخت تنقيد ڪئي، جڏهن ته مخالف ڌر پاران احتجاج ڪندي هل هنگامو ڪيو ويو. قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر غلام مرتضيٰ شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي گرفتار ايم اين ايز کي اسيمبلي پهچايو ويو. اجلاس دوران اين اي 171 رحيم يار تي ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ مخدوم طاهر رشيد الدين قسم کنيو. اجلاس دوران مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب پي ٽي آءِ بانيءَ جي تڪراري ٽو؟ٽ جي حمايت ڪندي چيو ته سندس قائد جيڪو به چيو هو ان تي قائم آهي، پي ٽي آءِ بانيءَ ڪا به غلط ڳالهه ناهي ڪئي. پ پ جي شازيا مري چيو ته پي ٽي آءِ وٽ ڪو به عوامي نظريو ناهي، پي ٽي آءِ بانيءَ عورتن لاءِ خراب ٻولي استعمال ڪئي، پي ٽي آ ءِ بانيءَ جي ٽوئٽ جي جاچ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته رحيم يار خان مان ڪامياب ٿيل اميدوار کي هوءَ واڌايون پيش ڪري ٿي، پاڪستان جي موجوده ڪرنسي نوٽن ۾ موهن جي دڙي جي تصوير آهن، ان کي ڪرنسي نوٽ تان نه هٽايو وڃي. ن ليگ جي حنيف عباسيءَ تقرير شروع ڪئي ته مخالف ڌر جي ميمبرن گوڙ ڪيو. حنيف عباسي چي ته پي ٽي آءِ جا ڪيترائي ميمبر واش مان گرفتار ڪيا ويا، جيڪي دروازو بند ڪري ويٺا هئا، اها ڪهڙي بهادري آهي؟ هن چيو ته هو هنن جي ليڊر جي منشيات جي ڳالهه نه ڪندو،  پي ٽي آءِ باني فوج خلاف زهر اوڳاڇي ٿو، سندن ليڊرن ڪڏهن به عدليا ۽ فوج تي حملو نه ڪيو، جي جنرل يحيٰ جي ڳالهه ڪن ٿا، هنن کي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سٺو نٿو لڳي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.6 ° C
22.6 °
22.6 °
35%
1.2m/s
0%
اڱارو
26 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون