تازه ترين

سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻو نظرثاني ڪيس جي 28 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻو نظرثاني ڪيس جي 28 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ چئن صفحن تي مشتمل ڪيس جو فيصلو لکيو. عدالت حڪم نامي ۾ چيو ته سمورن ڌرين کي فيض آباد ڌرڻي بابت حقيقتون پيش ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيو موقعو ڏنو ٿو وڃي، ڌريون ڪيس بابت حقيقتون قسم نامي ذريعي جمع ڪرائي سگهن ٿيون. عدالت حڪم نامي ۾ وڌيڪ چيو ته ڪيس ۾ لکت ۾ جواب 27 آڪٽوبر تائين جمع ڪرايا وڃن ۽ ڪيس جي ٻڌڻي پهرين نومبر تي ٿيندي. عدالتي حڪم نامي موجب، اٽارني جنرل چيو ته بچاءَ واري وزارت پنهنجي نظرثاني واري درخواست تي وڌيڪ ڪارروائي نٿي چاهي، آءِ بي، پيمرا ۽ پي ٽي آءِ به ڌار ڌار درخواست ذريعي نظرثاني درخواستون واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي جڏهن ته درخواست ڏيندڙ شيخ رشيد نئون وڪيل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مهلت جي درخواست ڪئي. عدالتي حڪم نامي ۾ چيو ويو ته درخواست ڏيندڙ اعجاز الحق فيصلي جي پيراگراف نمبر 4 تي اعتراض اٿاريا ۽ ٻڌڻي دوران ڪيس سان لاڳاپيل 4 سوال اٿاريا. حڪم نامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪجهه درخواست ڏيندڙن جي غير حاضريءَ تي کين هڪ ٻيو موقعو ڏنو وڃي، عدالت مشاهدو ڪيو ڪجهه ماڻهن عوامي سطح تي چيو ته کين ڄاڻ آهي ته ڇا ٿيو هو، انهن ماڻهن جو چوڻ هو ته فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ عدالت سندن موقف تي غور نه ڪيو، فيصلي جي پيراگراف 17 تحت اهو موقف عدالت لاءِ حيران ڪندڙ آهي. حڪم نامي موجب، عدالت فيض آباد ڌرڻو ڪيس جي فيصلي ۾ لکيو هو ته ڪا به ڌر اڳتي اچي لکت ۾ پنهنجو موقف پيش ڪري سگهي ٿي، اٽارني جنرل چيو ته فيض آباد ڌرڻو محدود وقت لاءِ هو ان جو دائرو نه وڌائڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
26 %
2.9kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
34 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون