تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

بلاول ڀٽو زرداري سليڪٽڊ نه پر ووٽرن جو اليڪٽڊ وزيراعظم ٿيندو: نيئر بخاري

- Advertisement -
پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري سليڪٽڊ نه پر ووٽرن جو اليڪٽڊ وزيراعظم ٿيندو، پ پ ڪارڪردگي جي بنياد تي چونڊن ۾ حصو وٺندي، چونڊيل نمائندن ۽ جمهوري نظام سان ئي سياسي توڙي معاشي استحڪام ايندو. جاري ڪيل بيان ۾ نيئر بخاري چيو ته عوام جو نعرو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ايندو روزگار آڻيندو، پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچي زراعت ۾ خود ڪفالت ۽ صنعتي انقلاب آڻيندي. سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري سليڪٽڊ نه پر ووٽرن جو اليڪٽڊ وزيراعظم ٿيندو، سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ ڪاميابي جيان جيالا اميدوار سڄي ملڪ ۾ ڪامياب ٿيندا. پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو ته آمريت ۽ فسطائيت جو مقابلو ڪندڙ جيالن سان ٺاهه ڪري ڀڄي ويندڙ ۽ گھٻرائڻ وارا ڇا مقابلو ڪندا، آئيني انساني معاشي حقن جي عوامي سياست بزدلن جي وس جي ڳالهه ناهي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري خيبرپختونخوا ۾ تاريخي عوامي جلسن کي خطاب ڪندو، پيپلز پارٽي جو موقف واضح آهي ته اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ هر سياسي پارٽي کي هڪ جهڙا موقعا ملڻ گهرجن. پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو ته پ پ خلاف اتحاد مخالفن جي شڪست جو اعتراف ۽ پيپلز پارٽي جي عوام ۾ مقبوليت جو ثبوت هوندو آهي، گورنر هائوس لاهور ۾ سياسي گڏجاڻي پارٽي ٽڪيٽن جي فيصلي بابت اليڪشن ڪميشن جي خاموشي سواليا نشان آهي. هن چيو ته نگران وزيراعظم سياسي پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر کي قائد ايوان سينيٽ نامزد نٿو ڪري سگهي. پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو ته اليڪشن ڪميشن کي ڇو نظر نه اچي رهيو آهي اسحاق ڊار قائد ايوان سينيٽ جو عهدو غير آئيني ۽ غيرقانوني طور استعمال ڪري رهيو آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
32 %
3.9kmh
100 %
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون