تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

شگر ايڊوائيزري بورڊ، چئني صوبن ۾ ڪمند جي نئين اگهه جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
شگر ايڊوائيزري بورڊ، چئني صوبن ۾ ڪمند جي نئين اگهه جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت سنڌ ۾ ڪمند جي قيمت 425 رپيا في مڻ مقرر ٿي آهي، جڏهن ته باقي صوبن جي آبادگارن کي 400 رپيا في مڻ اگهه ملندو. شگر ايڊوائيزري بورڊ جو اجلاس اسلام آباد ۾ صنعتن ۽ پيداوار واري نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ مان ايوان زراعت سنڌ جي جنرل سيڪريٽري زاهد ڀرڳڙيءَ ميمبر طور آن لائن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ شگر ملز جي نمائندن دانهون ڪيون ته ڪمند جو اگهه وڌيڪ آهي، شگر ملز وٽ اڳ ئي وڏي مقدار ۾ کنڊ جو ذخيرو موجود آهي، کين کنڊ ٻاهر موڪلڻ جي اجازت ڏني وڃي، جڏهن ته ڪمند جو اگهه گهٽ رکيو وڃي. صنعتن ۽ پيداوار واري وفاقي وزير گوهر اعجاز شگر ملز مالڪن جي دعوا رد ڪندي چيو ته ملز وارن آبادگارن کي ڪمند جو اگهه گهٽ ڏنو پر پاڻ وڌيڪ ڪمايو آهي، هو ڪاروباري ماڻهو آهي پر ان جي باوجود چوي ٿو ته بزنس مين غلط آهن، کين نقصان نه پر فائدو ٿيو آهي. هن اِهو پڻ چيو ته مارڪيٽ ۾ 116 رپيا في ڪلو کنڊ وڪرو ٿي رهي آهي پر هو 120 رپيا في مڻ جي حساب سان 5 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ لاءِ تيار آهن، پر پاسما جو ڪوبه اڳواڻ اڳتي نه آيو ۽ هو 10 لک ٽن کنڊ ٻاهر موڪلڻ جي اجازت گهرندا رهيا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاسما جي دعوا موجب وٽن 9 لک 10 هزار ٽن کنڊ موجود آهي، جڏهن ته ملڪ کي 5 لک ٽن کنڊ جي ضرورت هجي ٿي. اهڙا انگ اکر سامهون اچڻ کانپوءِ اجلاس کنڊ ٻاهر موڪلڻ جي اجازت نه ڏني. اجلاس کي اِهو به ٻڌايو ويو ته ڪمند جو صحيح اگهه نه ملڻ سبب آبادگار ڪمند جي پوکائي کان پري ٿي رهيو آهي جنهنڪري هن سال سنڌ ۾ 27 سيڪڙو ۽ پنجاب ۾ 19 سيڪڙو ايراضي گهٽ پوکي وئي آهي. اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ ڪمند جو هڪ ئي اگهه مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهنڪري اِهو معاملو ايجنڊا ۾ به رکيو ويو پر سنڌ جي نمائندي ان تي اعتراض واريو. نگران وفاقي وزير اجلاس کي ٻڌايو ته نگران وزيراعظم انوار ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته سڄي ملڪ لاءِ ڪمند جو هڪ ئي اگهه مقرر ڪيو وڃي. ايوان زراعت سنڌ جي نمائندي زاهد ڀرڳڙيءَ اعتراض واريندي چيو ته 18هين ترميم تحت زراعت صوبائي معاملو آهي، صوبن کي پنهنجي مرضيءَ سان اگهه مقرر ڪرڻ جو اختيار آهي، وفاقي حڪومت کي هڪ جهڙو اگهه مقرر ڪرڻ جو ڪو اختيار ناهي. هن چيو ته سنڌ جي اڳوڻي چونڊيل حڪومت ڪمند جو اگهه 425 رپيا في مڻ مقرر ڪيو آهي، جنهن ۾ تبديلي ممڪن نه آهي. سنڌ جي اهڙي موقف کانپوءِ سنڌ جو ڪمند جو اگهه 425 رپيا في مڻ برقرار رکڻ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته پنجاب ۽ ڪي پي سميت باقي ٽنهي صوبن ۾ ڪمند جو اگهه 400 رپيا في مڻ مقرر ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
15.4 ° C
15.4 °
15.4 °
36 %
3.1kmh
100 %
خميس
22 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
22 °
آچر
21 °
سُومر
19 °

تازه ترين خبرون