- Advertisement -
پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري کي پارٽي چيئرمين سان گڏ وزيراعظم جو اميدوار لکڻ به شروع ڪري ڇڏيو.
پ پ جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي آصف زرداري جي قرارداد تي بلاول ڀٽو جي نالي جي وزيراعظم طور منظوري ڏني هئي.
شيري رحمان جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو کي چيئرمين سان گڏ وزيراعظم جو اميدوار به لکي ڇڏيو.
شيري رحمان جو چوڻ هو ته پ پ جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي وزيراعظم جي اميدوار لاءِ بلاول ڀٽو جو نالو منظور ڪيو آهي.
هن چيو ته يقيني طور تي بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان لاءِ سڀ کان بهترين چونڊ آهي.- Advertisement -
