تازه ترين

لائبيريا جي اڳوڻي عورت چيف جسٽس کي قتل جي الزام ۾ عمر قيد جي سزا ملي وئي

- Advertisement -
لائبيريا جي اڳوڻي عورت چيف جسٽس کي قتل جي الزام ۾ عمر قيد جي سزا ملي وئي اولهه افريڪا جي ملڪ لائبيريا جي اڳوڻي عورت چيف جسٽس ۽ انصاف واري وزير کي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيدي جي سزا ٻڌائي وئي. لائبيريا جي اڳوڻي چيف جسٽس ۽ انصاف واري وزير گلوريا مايا تي پنهنجي 29 ورهين جي ڀائٽيي جي قتل جو الزام هو. پرڏيهي ميڊيا موجب لائبيريا جي سڀ کان گهڻي مشهور جج ۽ سياستدان جي عروج کان زوال جي نشاني آهي، گلوريا ميا پنهنجي سڃاڻپ ملڪ جي عورتن جي حقن جي چيمپئن طور ٺاهي هئي. جيل ۾ قيد 70ورهين جي گلوريا مايا فيصلي جي خلاف اپيل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي ۽ کيس اميد آهي ته رليف ملي ويندو. گلوريا مايا فرد جرم کان انڪار ڪيو ۽ سندس چوڻ هو ته ڀائٽيي کي اڻڄاتل ماڻهن  گهر ۾ گهڙي قتل ڪيو. جون ۾ گلوريا مايا جي گرفتاري لاءِ لائبيرين عوام کي ڌچڪو پهچايو ۽ سندس ٽرائل جون خبرون مقامي ميڊيا ۾ هليون. گلوريا مايا لائبيريا انصاف واري وزير جي حيثيت ۾ ذميواريون نڀايون ۽ پوءِ سينيئر جج چونڊي وئي جنهن بعد سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس به بڻي ۽ 2023 ۾ رٽائرڊ ٿي وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
20 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
33.6 ° C
33.6 °
33.6 °
6 %
8.2kmh
0 %
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
32 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون