- Advertisement -
پشاور هائيڪورٽ تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي اليڪشن ۽ بيٽ جي چونڊ نشان بابت توهين عدالت ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪندي 16 جنوري تائين جواب طلب ڪري ورتو.
پشاور هائيڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن خلاف تحريڪ انصاف جي توهين عدالت جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي.
جسٽس شڪيل احمد ۽ جسٽس وقار احمد ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ قاضي انور، ايڊووڪيٽ فيصل الياس ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.
عدالت تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي اليڪشن ۽ بيٽ جي چونڊ نشان بابت توهين عدالت ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪندي 16 جنوري تائين جواب طلب ڪري ورتو.
پشاور هائيڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي پي ٽي آءِ سرٽيفڪيٽ وين سائيٽ تي جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو جيڪو نه ڪرڻ تي تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن خلاف توهين عدالت جي درخواست ڏني هئي.- Advertisement -
