- Advertisement -
بلوچستان جي علائقي ڊيرا مراد جمالي ۾ چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب پنجن گهرن کي باهه لڳڻ سبب الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو.
ڊيرا مراد جمالي جي ڳوٺ مهتاب حسين شاهه ۾ چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب پنجن گهرن کي باهه وڪوڙي وئي.
باهه لڳڻ سبب گهرن ۾ پيل هنڌ، کٽون، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو.
متاثرن جو چوڻ آهي ته اوچتو گهرن کي باهه لڳڻ سبب الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو آهي.
باهه متاثرن وس وارن کي واهر جي اپيل ڪندي چيو آهي ته سندس مالي سهائتا ڪئي وڃي ته جيئن هو ٻيهر اجها اڏي سگهن.- Advertisement -
