- Advertisement -
حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ غزه جنگ بندي لاءِ ڪوششون جاري آهن، فلسطيني ميڊيا جو چوڻ آهي ته حماس وفد مصري گھرو وزير کي مطالبن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
فلسطيني ميڊيا جو چوڻ آهي ته حماس طرفان غزه مان يهودي فورسز جي نڪري وڃڻ، جارحيت جو مڪمل خاتمو، فلسطيني قيدين جي آزادي ۽ غزه جي نئين سر تعمير شامل آهن.
ٻئي پاسي قاهره ۾ قطري وزيراعظم ۽ سي آءِ اي ڊائريڪٽر جي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي مختلف معاملي غور ويچار ڪيو ويو.
هوڏانهن اسرائيل بدترين جنگي ڏوهن کانپوءِ صحت واري عالمي اداري کي الشفا اسپتال تائين پهچ ڏئي ڇڏي آهي.
ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن جو چوڻ آهي ته الشفا اسپتال هاڻي صرف هڪ کنڊر عمارت آهي جنهن ۾ صرف قبرون آهن.
ٻئي پاسي گذريل 24 ڪلاڪ دوران اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 38 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
فلسطيني ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج ڇهن مهينن دوران 33 هزار 175 فلسطينين کي شهيد ۽ 75 هزار 886 کي زخمي ڪري چڪي آهي.- Advertisement -
