تازه ترين

 سنڌ حڪومت پاران  منشيات وڪرو ڪندڙن  خلاف ڪريڪ ڊائون جاري

- Advertisement -
سنڌ حڪومت پاران  منشيات وڪرو ڪندڙن  خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي. ڪراچي ۾ ايڪسائز پوليس ڪامياب آپريشن ڪندي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن وٽان 2 ڪلو 40 گرام آئس هٿ ڪري ورتي. ايڪسائز ٽيم ڪورنگي 16 ۾ ڪارروائي ڪري  جوابدار شوڪت ۽ نويد کي گرفتار ڪيو. گرفتار جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس پڻ داخل ڪيو  ويو آهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪامياب آپريشن تي ايڪسائيز ٽيم کي شاباش ڏني آهي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته نئين نسل کي منشيات وڪرو ڪندڙن جي رحم ۽ ڪرم تي نٿو ڇڏي سگهجي. هن چيو ته نوجوان نسل کي منشيات کان بچائڻو آهي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جون منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تحت ڪارروايون جاري آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
44 %
1.4kmh
41 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون