- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته تنقيد ڪندڙن سنڌ ڏٺي ئي ناهي، مختلف ضلعن ۾ اين آءِ سي وي ڊي جا يونٽ قائم ڪيا ويا آهن، امن امان قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڌاڙيلن جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي، آخري ڌاڙيل جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو، ٿر جي ڪوئلي پاڪستان جي قسمت تبديل ڪري ڇڏي آهي، ٿر ڪول مان 20 لک ٽن کان وڌيڪ ڪوئلو ڪڍيو ويو آهي، ڪنهن ٻئي صوبي ۾ ڪوئلي جي ايڏي وڏي کوٽائي جو ڪم نه ٿيو آهي.
ڪراچي ۾ ڊويزن سنڌ پروگرام جي مهورتي تقريب ۾ بريفنگ ڏيندي مراد علي شاهه چيو ته هو سنڌ ۾ ڪيل ترقياتي ڪم سڀني کي ڏيکارڻ چاهن ٿا، جيڪو ڪم ڪري رهيا آهن اهو سڄي سنڌ کي ڪور ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته تنقيد ڪندڙن سنڌ ڏٺي ئي ناهي، مختلف ضلعن ۾ اين آءِ سي وي ڊي جا يونٽ قائم ڪيا ويا آهن.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته امن امان قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڌاڙيلن جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي، آخري ڌاڙيل جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو.
هن چيو ته توانائي جي شعبي ۾ سندن پارٽنرشپ سڄي پاڪستان لاءِ سٺي رهي آهي، ٿر سڄي پاڪستان جي تقدير بدلائي ڇڏيندو، هنن نعرو هنيو هو ته ٿر بدلائيندو پاڪستان.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته صدر زرداري 2008ع کانپوءِ ٿر تي ٻيهر ڪم شروع ڪيو، 2019ع ۾ ٿر پاڪستان جي تقدير بدلائڻ شروع ڪري ڇڏي، مائننگ جو ڪم رڳو سنڌ صوبو ڪري رهيو آهي، ڪو ٻيو صوبو ناهي ڪري رهيو.
سندس چوڻ هو ته سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني بلاڪ ٽو جي مائننگ پراجيڪٽ جو ڪم ڪري رهي آهي، بلاڪ ٽو جي فيز ون ۾ 10 جولاءِ 2019 تي سي او ڊي حاصل ڪئي وئي، جنهن جي لاڳت 62 ڏهائي 7 ملين ڊالر آهي، هتان هر سال 3.8 ملين ايم ٽي پي اي ڪوئلو نڪرندو.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن وقت تائين 20 لک ٽن کان وڌيڪ ڪوئلو ڪڍيو ويو آهي، ٻئي مرحلي ۾ 31 ڊسمبر 2019 تي ايف سي حاصل ڪيو، جنهن جي شروعاتي لاڳت 23 ڏهائي 5 ڪروڙ ڊالر آهي جڏهن ته ٽوٽل لاڳت 86 ڏهائي 2 ڪروڙ ڊالر آهي، هتان وڌيڪ هر سال 3.8 ايم ٽي پي اي ڪوئلو نڪرندو.
مراد علي شاهه چيو ته 18 ايگزيڪيوٽرز ۽ 130 ڊمپ ٽرڪ ذريعي ڪوئلو ڪڍيو پيو وڃي، سائنو سنڌ سيسورسز بلاڪ ون مائننگ پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي، هي سي پيڪ پراجيڪٽ آهي، جنهن جو ايف سي 31 ڊسمبر 2019ع تي حاصل ٿيو، ٿر ڪول بلاڪ ون مائننگ پراجيڪٽ جي لاڳت هڪ ڏهائي 17 ارب ڊالر آهي، هر سال 7.8 ايم ٽي پي اي ڪوئلو حاصل ڪيو ويندو.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٺٽي، سجاول ۽ بدين جا ماڻهو هتي ويٺا آهن، مائننگ ڪئي ۽ ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ٿر فائونڊيشن ٺاهي، ٿر جي پهرين عورت انجنيئر هن منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهي، پاڪستان ۾ ڪٿي به اهڙيون وڏيون ٽرڪون نه آهن، ٿر منصوبي تي ٽرڪ مقامي عورتون هلائينديون آهن، عورتون ٿر منصوبي تي آر او پلانٽ آپريٽر آهن.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٿر فائونڊيشن سان گڏجي هڪ اسپتال به ٺاهي آهي، ٿر بلاڪ ٽو ۾ رهندڙ هر ماڻهو ۽ خاندان شيئر هولڊر آهي، ٿر ۾ ٽيڪنيڪل تعليم شروع ڪئي، يونيورسٽي به ٺاهي رهيا آهن.
مراد علي شاهه چيو ته هو ٿر ۾ ساڍا ست لک وڻ لڳائي چڪا آهن، ٿر جي ريگستان ۾ فشنگ به ٿي رهي آهي، ٿر بلاڪ ون مان هلڪ هزار 320 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، ٿر ۾ 2 ڳوٺ ٺاهيا آهن، جتي مسلمانن لاءِ مسجد ۽ هندو برادريءَ لاءِ مندر آهي، هو ٿر ۾ گرين انرجي پيدا ڪري رهيا آهن.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته نوري آباد کان ڪراچي تائين پاور لائين لڳائي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي نوري آباد ۾ پاور پلانٽ لڳايو، نوري آباد پاور پلانٽ ڪراچي کي 100 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪري رهيو آهي، هن پراجيڪٽ لاءِ کيس ڪيترائي ڀيرا اسلام آباد وڃڻو پيو.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ماڻهو سمجهن ٿا ته پيپلز پارٽي هر ڀيري وڌيڪ سيٽون کڻي ٿي، سبب ڇا آهي، سنڌ ۾ ترقي ڏني ان لاءِ عوام ووٽ ڏنا، پنهنجي قيادت جي ويزن کي سامهون رکي عوام جي خدمت ڪئي، آبپاشي سندن لائف لائن آهي، ايريگيشن ڊپارٽمينٽ تي وڏو ڪم ڪيو آهي- Advertisement -
