- Advertisement -
توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته پهرين جولاءِ کان بجلي جي قميت ۾ 9 سيڪڙو اضافو ٿيندو، ڪنزيومرز ايوريج 35 رپيا في يونٽ ڏني پئي وڃي.
سينيٽ اجلاس دوران ڳالهائيندي اويس لغاري چيو ته ڪجهه اهڙا پلانٽ آهن، جيڪي ڪي اليڪٽرڪ جي ملڪيت آهن، لائن لاسز وارن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، آئيسڪو ريجن ۾ وڌيڪ مسئلا ناهن، اميد ته آهستي آهستي مسئلن تي ضابطو آندو ويندو.
هن چيو ته نيشنل گرڊ جو ڪنهن به صوبي سان ڪو تعلق ناهي، نقصانن جي حد رکڻ لاءِ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ رڪوري تمام سٺي آهي.
اويس لغاريءَ چيو ته بلوچستان کي 10 هزار ميگا واٽ جي سپلاءِ ڏيڻ لاءِ هو تيار آهن، بل جون نه پر جولاءِ کان وڌندا، بلوچستان ۾ بجلي جا 600 ارب رپيا ساليانا نقصان آهن.
توانائيءَ واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت 450 ارب رپين جو نقصان برداشت ڪيو، هڪ ڪروڙ 68 واهپيدارن جو خيال ڪيو پيو وڃي..
هن چيو ته ميڊيا تي خبرون هلي رهيون آهن ته ڪابينا بجلي جي اگهن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو، بجلي اگهن بابت وزيراعظم 150 ارب رپين جو بار عوام تان گهٽايو آهي.
توانائي واري وفاقي وزير چيو ته گهريلو واهيپدارن کي هر ممڪن رليف فراهم ڪيو پيو وڃي، زرعي سولرائيزيشن ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
