تازه ترين

آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سمورين پارٽين کي شامل ڪيو ويندو: عطا تارڙ

- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سمورين پارٽين کي شامل ڪيو ويندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته وزيراعظم جي تاجڪستان ۽ قازقستان جي دورن جا سٺا نتيجا سامهون ايندا، ايندڙ ڏينهن ۾ ٻنهي ملڪن جا وفد ويندا، فلسطين مسئلي تي وزيراعظم چٽو موقف اختيار ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم فلسطين مسئلي تي قوم تي ترجماني ڪئي، اسلامو فوبيا تي ڳالهايو، پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي ڳالهه ڪئي، هو دوست ملڪن سان واپار وڌائڻ چاهن ٿا. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته ادارن کي خانگائڻ وارو ڪم جاري آهي، آگسٽ ۾ معاملن ۾ تيزي ايندي. عطا تارڙ چيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس بابت اتحادين سان صلاح مشورا ٿي رهيا آهن، سمورين سياسي پارٽين کي ايَ پي سي ۾ شامل ڪيو ويندو، پي ٽي آءِ بانيءَ جو بيان ۾ سامهون آيو آهي. هن چيو ته ٽيڪس چوريءَ ۾ ملوث ماڻهن ۽ ڏوهن ۾ ساٿ ڏيندڙ اهلڪارن کي به سزا ڏني ويندي، جنهن هڪ لک رپيا پگهار آهي ان کي 24 سئو رپيا ٽيڪس ڏيڻي پوندي. عطا تارڙ چيو ته باجوڙ حملي جو افسوس آهي، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي ختم ٿيڻ سان ملڪ ۾ استحڪام ايندو،   دهشتگرد پاڪستان جي نظريي خلاف آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.5 ° C
27.5 °
27.5 °
12 %
7.5kmh
1 %
اربع
26 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون