تازه ترين

فوجي قيادت، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اختيار ڪيل حڪمت عملي تحت عزم استحڪام آپريشن کي اهم قدم قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
فوجي قيادت، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اختيار ڪيل حڪمت عملي تحت عزم استحڪام آپريشن کي اهم قدم قرار ڏئي ڇڏيو، آرمي چيف جنرل عاصم منير جو چوڻ آهي ته چئلينجن باوجود پاڪ فوج سمورن اندروني ۽ ٻاهرين چئليجن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ هر وقت تيار  آهي،  پاڪ فوج ملڪي استحڪام ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ 265هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرس ٿي، جنهن ۾ ملڪي سلامتي جو مجموعي جائزو وٺندي عزم استحڪام جي مختلف پاسن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب فورم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اختيار ڪيل حڪمت عملي تحت عزم استحڪام کي اهم قدم قرار ڏنو ويو. فوجي قيادت ملڪ ۾ جٽادر استحڪام ۽ معاشي خوشحالي ۽ غير  قانوني سرگرمين جو ڳٺجوڙ ختم ڪرڻ لاءِ عزم استحڪام آپريشن کي اهم گهرج پڻ قرار ڏنو. آءِ ايس پي آر موجب فوجي قيادت ڪجهه ماڻهن طرفان عزم استحڪام آپريشن تي تنقيد  توڙي مخصوص مفادن حاصل ڪرڻ لاءِ اندازا هڻڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب فوجي قيادت چيو ته قوم کي آڏو چئلينجن جو اندازو آهي ۽ عوام جي سهڪار سان هو پنهنجي آئيني حدن ۾ رهندي هڪ جٽادار حل لاءِ ڪوششان آهن. فوجي قيادت سياسي مقصدن پورا ڪرڻ لاءِ جاري ڊجيٽل دهشتگردي کي رياستي ادارن خلاف سازش قرار ڏنو. فورم جو چوڻ هو ته رياست مخالف ٻاهرين طاقتن جي سرپرستي ۾ جاري ڊجيٽل دهشتگردي جو مقصد ڪوڙ، جعلي خبرن ۽ پروپيگنڊا ذريعي قوم ۾ مايوسي پکيڙڻ آهي. فوجي قيادت جو چوڻ هو ته پاڪ فوج ۽ قوم سازشن کان نه رڳو آگاهه آهي پر دشمن جي ڪڌن ارادن کي شڪست ڏيڻ لاءِ پرعزم آهن. فورم  ملڪ ۾ هلندڙ سماجي ۽ معاشي ترقي توڙي استحڪام لاءِ ڪيل حڪومتي ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪئي. آرمي چيف جنرل عاصم منير جو چوڻ هو ته پاڪ فوج سمورن اندروني ۽ ٻاهرين چئليجن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ هر وقت تيار  آهي. آرمي چيف پيشيوراڻي مهارت ۽ آپريشنل تيارين جي اعليٰ معيار کي برقرار رکڻ تي زور ڀريو. سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج ملڪي استحڪام ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته فوجي قيادت ڪشمير ۽ غزا ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ جنگي ڏوهن توڙي نسل  ڪشيءَ جي مذمت ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
28.8 ° C
28.8 °
28.8 °
9 %
5.9kmh
81 %
اربع
28 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون