- Advertisement -
لاهور هائيڪورٽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي، سندس پٽ ۽ ننهن جو نالو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
لاهور هائيڪورٽ جي جسٽس شمس محمود مرزا درخواست تي فيصلو ٻڌايو.
28جون تي وفاقي حڪومت، تحريڪ انصاف جي صدر پرويز الاهي جو نالو پي سي ايل ۾ شامل ڪيو هو، جنهن کي هن عدالت ۾ چئلينج ڪيو هو.
درخواست ۾ وفاقي حڪومت سميت ٻين کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو ويو ته وفاقي سرڪار، پرويز الاهي ۽ زارا الاهي جو نالو غير قانوني طور پي سي ايل ۾ شامل ڪيو آهي.
درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته لاهور هائيڪورٽ پرويز الاهي جو نالو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي.
لاهور هائيڪورٽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي، سندس پٽ ۽ ننهن جو نالو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.- Advertisement -
