تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

جسٽس محمد شفيع صديقي سنڌ هائيڪورٽ جي چيف جسٽس طور قسم کڻي ورتو

- Advertisement -
جسٽس محمد شفيع صديقي سنڌ هائيڪورٽ جي چيف جسٽس طور قسم کڻي ورتو. جسٽس محمد شفيع صديقي سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس طور قسم کڻي ورتو سنڌ هائيڪورٽ جي نئين مقرر ٿيل چيف جسٽس جي قسم کڻڻ واري تقريب سنڌ ھائيڪورٽ ۾ ٿي. تقريب دوران سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽسوري، جسٽس محمد شفيع صديقي کي قسم کڻايو. تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاھه، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ حسن اڪبر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سينيئر جج نعمت الله ڦھلپوٽو، جسٽس صلاح الدين پنھور، جسٽس ارشد خان، جسٽس ثنا منهاس، جسٽس عمر سيال، جسٽس اقبال ڪلهوڙو، جسٽس محمد شفيع صديقي جي فيملي ۽ ٻين پڻ قسم کڻڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه نئين چيف جسٽس کي قسم کڻڻ تي مبارڪ ڏني. جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي سفارش تي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ٿيڻ کانپوءِ سنڌ هائيڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس محمد شفيع صديقي کي وقتي چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو ھو. قسم کڻڻ کان اڳ جسٽس محمد شفيع صديقي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري سان ملاقات ڪئي. ……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
18.3 ° C
18.3 °
18.3 °
31 %
1.5kmh
30 %
اربع
26 °
خميس
27 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون