تازه ترين

پنجاب جيان ٻيا صوبا به بجلي تي عوام کي رليف ڏين سياست نه ڪن، پنجاب جي رليف ۾ وفاق جو ڪو به ڪردار ناهي:وزيراعظم شهبازشريف

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته پنجاب جيان ٻيا صوبا به بجلي تي عوام کي رليف ڏين سياست نه ڪن، پنجاب جي رليف ۾ وفاق جو ڪو به ڪردار ناهي، هو آءِ ايم ايف  کي اعتماد ۾ وٺي ملڪ لاءِ فيصلا ڪندا، پي ٽي آءِ حڪومت جيان ڪو به اهڙو غلط فيصلو نه ڪيو ويندو، جنهن سان پاڪستان جي ساک متاثر ٿئي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته پنجاب  حڪومت جيڪو بجلي جي في يونٽ تي رليف ڏنو، اهو پنجاب  حڪومت جو پنهنجو پيسو آهي، ان وفاق جو ڪو به ڪردار ناهي، ٻيا صوبا به بسم الله ڪن. هن چيو ته پنجاب جيان ٻيا صوبا به بجلي تي عوام کي رليف ڏين سياست نه ڪن. شهبازشريف چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ پنجاب حڪومت پنهجن وسيلن مان 500 يونٽن استعمال ڪندڙن کي ٻن مهينن لاءِ بجلي جي في يونٽ تي 14 رپيا رليف جو اعلان ڪيو، جنهن لاءِ هنن ترقياتي فنڊن مان 45 ارب رپيا رکيا، ان ۾ وفاق جو ڪو به حصو شامل ناهي، اهو پنجاب سرڪار پنهنجي عوام کي تحفو ڏنو. وزيراعظم چيو ته بدقسمتيءَ سان ان رليف بابت ناڪاري ڳالهيون  ٻڌيون، ڪي پي جي وڏي وزير چيو ته وفاق پنجاب کي رليف ڏنو، اها زيادتي آهي، پنجاب پنهنجن فنڊن مان رليف ڏنو، ڪي پي سرڪار به پنهنجي عوام کي رليف ڏي. شهبازشريف چيو ته  هو آءِ ايم ايف  کي اعتماد ۾ وٺي ملڪ لاءِ فيصلا ڪندا، پي ٽي آءِ حڪومت جيان ڪو به اهڙو غلط فيصلو نه ڪيو ويندو، جنهن سان پاڪستان جي ساک متاثر ٿئي. وزيراعظم چيو ته هنن پي ايس ڊي جي بجيٽ ۾ 50 ارب رپيا ڪٽوتي ڪري  گهريلو واهپيدارن کي ٽي مهينا رليف ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن سان ملڪ جا 86 سيڪڙو گهريلو واهپيدارن  فائدو حاصل ڪيو. شهبازشريف چيو ته بلوچستان جي حڪومت  کي ڀائيواري سان 70 ارب رپين جا 28 هزار سولر پينل ڏيڻ جو منصوبو ٺاهيو، جنهن ۾ وفاق 55 ارب رڏيا ڏيندو ته جيئن بجلي جي چوري گهٽ ٿئي. وزيراعظم چيو ته اڄ مهانگائي ٽن رهين جي گهٽ ترين سطح تي آهي، آءِ ايم ايف سان اسٽاف سطح تي معاهدو ٿي چڪو آهي،آمدني ۽ ٽيڪسن جو حدف پورو ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.2 ° C
29.2 °
29.2 °
19 %
2.6kmh
0 %
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
37 °
اربع
37 °

تازه ترين خبرون