پارليامينٽ جي مضبوطي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي:شازيه مري

- Advertisement -
پ پ اڳواڻ شازيه مري چيو آهي ته پارليامينٽ جي مضبوطي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، رحيم يار خان جي عوام پ پ قيادت تي اعتماد ڪيو آهي، هڪ پارٽي کي پارليامينٽ جي تقدس جو احساس ناهي، رڳو هڪ شخص  جي خواهشن کي پورو ڪرڻ لاءِ گوڙ ڪيو پيو وڃي، پ پ قيادت جمهوريت جي مضبوطيءَ لاءِ جيل ڀوڳيا آهن. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شازيه مري چيو ته اين اي 171 رحيم يار خان جي ننڍي چونڊ ۾ پيپلزپارٽي کي ڪاميابي ملي، رحيم يار خان جي عوام پ پ قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ هو ته ملڪ خاطر سندن ليڊر قربان ٿيا آهن، جڏهن سندن ليڊر محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو تڏهن به هنن ائين نه ڪيو، تڏهن به آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان کپي، پاڪستان آهي ته هو آهن. پ پ اڳواڻ شازيه مري چيو ته پارليامينٽ عوامي فورم آهي، پارليامينٽ جي مضبوطي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، هڪ پارٽي کي پارليامينٽ جي تقدس جو احساس ناهي. هن چيو ته رڳو هڪ شخص  جي خواهشن کي پورو ڪرڻ لاءِ گوڙ ڪيو پيو وڃي، پ پ قيادت جمهوريت جي مضبوطيءَ لاءِ جيل ڀوڳيا آهن. پ پ اڳواڻ شازيه مري چيو ته جيل ۾ ويٺل شخص تڪبر ۽ ڏڦيڙ کي وڌائي رهيو آهي، هن شخص کي خبر هئڻ گهرجي ته جهڪڻ بهتري آهي، ڳالهيون ڪمزوري ناهي، پ پ چيئرمين چوندو آهي سندس والد ۽ امڙ کي جنهن به جيل اماڻيو، هو انهن سان به ڳالهين لاءِ تيار آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
31%
1.6m/s
0%
اربع
27 °
خميس
28 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون