تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آئيني ترميم سان چور دروازي کان اقتدار ۾ اچڻ جا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن: راڻا ثناءَ الله

- Advertisement -
وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته آئيني ترميم سان چور دروازي کان اقتدار ۾ اچڻ جا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن، پاڪستان بحران جي ڪيفيت مان نڪري ويو آهي، هاڻي معاشي ۽ استحڪام پيدا ٿيندو،  مسلم ليگ ن معيشيت جي ترقي ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪيو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته مسلم ليگ نون ملڪي معيشيت ۽ ترقي ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان بحران جي ڪيفيت مان نڪري ويو آهي، هاڻي معاشي ۽ سياسي استحڪام ايندو. سندس چوڻ هو ته بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي بعد جڏهن حڪومت ٺاهي ته ملڪ ڏيوالي ٿيڻ جي ڪناري تي پهچي چڪو هو، ن ليگ هر مرحلي ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ سمورين سياسي قوتن سان گڏجي ڪم ڪرڻ کي يقيني بڻايو. وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءَ الله چيو ته ن ليگ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪري توانائي بحران تي ضابطو آندو. هن چيو ته 2017ع ۾ هڪ چونڊيل وزيراعظم جي حڪومت کي غير آئيني طريقي سان ختم ڪيو ويو، نواز شريف جي قيادت ۾ ترقي ڪندڙ ملڪ کي ٽريڪ تان هٽايو ويو. وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءَ الله چيو ته 26هين آئيني ترميم سبب اها اميد پيدا ٿي آهي ته هاڻي پاڪستان کي چور رستن سان نشانو نه بڻايو ويندو، جيئن پهريان بڻايو ويندو هو، هاڻي چور دروازو بند ٿي ويو آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
18.6 ° C
18.6 °
18.6 °
48 %
3.7kmh
100 %
جمعو
19 °
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون