- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجه آصف، بشريٰ بي بي جي سعودي عرب بابت بيان کي رد ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته بشريٰ بي بي جو بيان پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا خراب ڪرڻ جي سازش آهي، جيڪڏهن بشريٰ بي بي شريعت آهي ته پوءِ الله ئي حافظ آهي، پهريون چوندا هئا ته آمريڪي غلامي نامنظور، هاڻي چون ٿا ته آمريڪي غلامي منظور، علي امين گنڊاپور وڏو وزير هئڻ سبب اسٽيبشلمينٽ سان رابطي ۾ آهي، حڪومت جون پي ٽي آءِ سان ڪي به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف چيو ته بشريٰ بي بي جو هڪ بيان آيو، سندن سعودي عرب سان تاريخي، مذهبي ۽ معاشي لاڳاپا آهن، 28 لک پاڪستاني سعودي عرب ۾ ڪم ڪندا آهن.
سندس چوڻ هو ته سعودي عرب سان لاڳاپن کي سياست جي نذر ڪيو پيو وڃي، بشريٰ بي بي جو بيان پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا خراب ڪرڻ جي سازش آهي، سندن سياست جي ٻيڙي ٻڏي رهي آهي ان لاءِ اهڙو بيان ڏنو ويو.
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته ليڊر شپ لاءِ ٽي عورتون هڪ پاسي ۽ هڪ عورت ٻئي پاسي آهي، اها سياست جي انتها آهي، پي ٽي آءِ قيادت طرفان مذهبي ڏيوالي پن جو به مظاهرو ڪيو ويو.
هن چيو ته بشريٰ بي بي پنهنجو پاڻ کي شريعت چئي رهي آهي، الله جي ذات کانسواءِ ڪنهن هستي کي سجدو ڪرڻ جي اجازت ناهي، قمر جاويد باجوه کي ذاتي طور پاڻ هن الزام جي ترديد ڪرڻ گهرجي.
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته پهريون چوندا هئا ته آمريڪي غلامي نامنظور، هاڻي چون ٿا ته آمريڪي غلامي منظور، علي امين گنڊاپور وڏو وزير هئڻ سبب اسٽيبشلمينٽ سان رابطي ۾ آهي، حڪومت جون پي ٽي آءِ سان ڪي به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن………..- Advertisement -
