تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ سرڪار ٽرانسپورٽ کاتي جون زمينون خالي ڪرائڻ جي تياري شروع

- Advertisement -
سنڌ سرڪار ٽرانسپورٽ کاتي جون زمينون خالي ڪرائڻ جي تياري شروع ڪندي چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس ۽ اينٽي انڪروچمينٽ کان مدد حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي بورڊ جو 13هون اجلاس ٿيو. سينيئر صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته بورڊ جي ٻارهين اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جي زمين خالي ڪرائڻ جو فيصلو ٿيو هو، ٽرانسپورٽ کاتي جي زمين تان غيرقانوني قبضا جلد کان جلد ختم ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جنهن زمين تي سرڪاري ادارن جون آفيسون ٺاهيون ويون آهن، انهن کي نوٽيس جاري ڪيا وڃن، نوٽيس تي عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن سان ڳالهيون ڪيون وڃن. بورڊ اجلاس ۾ ايس سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي بورڊ جي ٻارهين اجلاس جي منٽس جي منظوري ڏني وئي. سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي سيڪريٽري ايس ايم ٽي اي بورڊ جي مقرري جي منظوري ڏني وئي. بورڊ عبدالستار ايڌي ۽  اورينج لائن بي آر ٽي جي ٻن پراجيڪٽ مئنيجمينٽ يونٽ جي ملازمن جي ڪانٽريڪٽ ۾ واڌ جي به منظوري ڏني. پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ جي نمائندي طرفان پراجيڪٽ مينجمينٽ يونٽ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر پرويز جمالي جي مستقل مقرري جي سفارش ڪئي وئي. اجلاس ۾ ايس ايم ٽي اي بجيٽ 22-2021 ۽ 23-2022 جي به منظوري ڏني وئي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو مقصد عوام کي مهانگائي جي دور ۾ رليف ڏيڻ آهي، سنڌ سرڪار ٻين شهرن ۾ به بسون هلائڻ جو ارادو رکي ٿي، بس هلائڻ جا خواهشمند اسٽيڪ هولڊرز پيپلز بس سروس ۾ سيڙپڪاري ڪن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
29 %
0.8kmh
100 %
جمعو
23 °
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون