- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽيءَ جي رابطا ڪميٽيءَ کي موجوده سياسي صورتحال چئلنجن کي منهن ڏيڻ ۽ ٻين معاملن تي سياسي اتفاق قائم ڪرڻ لاءِ سياسي پارٽين سان رابطا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
پيپلزپارٽيءَ جي رابطا ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ موجوده سياسي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو.
ميمبرن سينٽرل پنجاب، ڏکڻ پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ سميت وفاقي سطح تي سياسي، پاليسي ۽ ترقياتي چئلينجن بابت ڳالهيون ڪيون.
اجلاس ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي، پاڻي جي انتظام جي مسئلن، زراعت ۽ ڊجيٽل معيشت کي آڏو چئلينجن ۽ عوامي مفاد جي قانونسازي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پ پ جي اجلاس ۾ وفاقي حڪومت بابت خدشن بابت سياسي، پاليسي ۽ قانونسازي معاملن تي وقت سر صلاح مشوري جي کوٽ ۽ واعدن تي عمل نه ٿيڻ کي اهم رنڊڪ قرار ڏنو ويو.
اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ملڪ ۾ وڌندڙ دهشتگردي جي واقعن ۽ نون زميني حقيقتن جي نتيجي ۾ آڏو چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اتفاق راءِ نه هجڻ تي به ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو.
پ پ چيئرمين ڪميٽي ميميبرن کي هدايت ڪئي ته اهي سياسي پارٽين سان رابطا ڪن ته جيئن اهو طئه ڪري سگهجي ته اهي ڪهڙا معاملا آهن جن تي سياسي اتفاقِ راءِ قائم ڪري سگهجي ٿو.
ڪميٽيءَ جون سفارشون هلندڙ مهيني جي آخر ۾ پارٽيءَ جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽيءَ آڏو پيش ڪيون وينديون.- Advertisement -
