تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

اسلام ڪوٽ کان ڇور تائين 105 ڪلوميٽر ريلوي لائن وڇائي ويندي:سيد مراد علي شاهه

- Advertisement -
ڄامشوري، ٿل ۽ ساهيوال جي پاور پلانٽن کي ٿر جي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته اسلام ڪوٽ کان ڇور تائين 105 ڪلوميٽر ريلوي لائن وڇائي ويندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدسارت هيٺ 28هون ٿرڪول اينڊ انرجي بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ توانائي واري صوبائي وزير ناصر شاهه، ايم اين اي شازيا مري، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ايم ڊي ٿر ڪول طارق شاهه شرڪت ڪئي، جڏهن ته وفاقي حڪومت کان ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ ٻيا وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. وڏي وزير جو چوڻ هو ته ٿر ڪول مان سستي بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي، امپورٽڊ ڪول مان 19 رپيا 5 پيسا في ڊبليو ايڇ ۾ بجلي پيدا ٿئي ٿي ۽ ٿرڪول مان 4 رپيا 8 پيسا في ڊبليو ايڇ ۾ بجلي پيدا ٿئي ٿئي. هن چيو ته ٿر ڪول بلاڪ ٽو جي ست ڏهائي 6 ايم ٽي پي ايَ مائن ڪيپيسٽي آهي،  بلاڪ ٽو مان 13 سئو 20 ميگا واٽ توانائي پيدا ٿي رهي آهي. وڏي وزير چيو ته ٿرڪول بلاڪ ٽو مان ڪول کي 15 بلين رپيا رائلٽي ملي آهي، پراجيڪٽ سان سماجي زندگي بهتر ٿي آهي، پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ 80 سيڪڙو ملازمن جو تعلق سنڌ صوبي سان آهي، 28 اسڪول ٺاهيا ويا آهن، جتي 5 هزار ٻار تعليم پرائي رهيا آهن، 5 اسپتالون ٺاهيون ويون آهن، جتي 80 هزار مريضن جو علاج ٿئي ٿو. اجلاس دوران ڄامشور، ٿل ۽ ساهيوال ڪول پاور پلانٽن کي ٿرڪول تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ويو،. توانائي واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته انهن ٽنهي پراجيڪٽن کي ٿرڪول تي منتقل ڪرڻ جي هدايت وزيراعظم ڏني آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
10 %
1.7kmh
51 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون