- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ واشنگٽن هوائي حادثي جو ذميوار اڳوڻي صدر جوبائيڊن ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي کي قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪير به زنده ناهي بچيو، اڄ امريڪا لاءِ ڏکوئيندڙ ڏينهن آهي، حادثي جي ڪري امريڪي سوڳ ۾ آهن.
ڊونلڊ ٽرمپ وائٽ هائوس ۾ خطاب ڪندي بنا ثبوت فراهم ڪرڻ جي دعوى ڪئي ته فيڊرل ايوي ايشن اٿارٽي ۾ نا اهل ماڻهن جون ڀرتيون هن حادثي جون ذميوار ٿي سگھن ٿيون.
صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته مسافر جهاز صحيح رستي تي هو، فوجي هيليڪاپٽر کي ٻرندڙ بتيون ڇو نظر نه آيون؟ رات به صاف هئي ته فوجي هيليڪاپٽر جهاز طرف وڌڻ بدران کاٻي يا ساڄي پاسي ڇو نه مڙيو؟.
ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته 2016 ۾ وائٽ هائوس اچڻ کانپوءِ هن سيفٽي کي ترجيح ڏني، سندس انتظاميا ايوي ايشن سيفٽي لاءِ قابل ماڻهن کي ڀرتي ڪندي.- Advertisement -
