اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 12 دهشتگرد مارجي ويا، هڪ جوان شهيد

- Advertisement -
اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران ٻارهن دهشتگرد مارجي ويا ۽ پاڪ فوج جو هڪ جوان شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيوويو ته سڪيورٽي فورسز ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي اتر وزيرستان جي حسن خيل واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 12 دهشٽگرد مارجي ويا ۽ پاڪ فوج جو هڪ جوان شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب شهيد 35 ورهين جي لانس نائڪ محمد ابراهيم جو تعلق هنگو ضلعي سان هو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي، سڪيورٽي فورسز ملڪ ۾ دهشتگردي جي لعنت ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن، بهادر جوانن جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.7 ° C
27.7 °
27.7 °
16%
4.2m/s
0%
خميس
27 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون