تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

غوثپور ڀرسان پوليس پاران ڏوهارين خلاف آپريشن دوران فائرنگ ۾ اهلڪار شهيد

- Advertisement -
غوثپور ڀرسان پوليس پاران ڏوهارين خلاف آپريشن دوران فائرنگ ۾ شهيد ٿيل اهلڪار جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جمال ٿاڻي جي حد ڳوٺ ارباب نندواڻي ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس پاران ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيوويو ته ڏوهارين پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني. پوليس موجب جوابدارن جي فائرنگ ۾ ايس ايڇ او جو گن مين ڪنڌڪوٽ واسي پوليس اھلڪار مظھر مشوري سخت زخمي ٿي پيو. پوليس موجب زخمي اهلڪار کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو ته هن رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪچي واري علائقي ۾ جوڪوڪاري گينگ جي روپوش ڏوھاري الھيار نندواني سميت ٻين جوابدارن جي گرفتاري ۽  اغوا ٿيل چئن مغوين جي بازيابي لاءِ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي. پوليس موجب ڏوهارين آپريشن دوران جديد هٿيارن سان پوليس مٿان فائرنگ ڪئي، جنهن سبب اهلڪار شهيد ٿي ويو، واڌو نفري طلب ڪري ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪيو ويندو. شهيد اهلڪار جي جنازي نماز ۾ ڊي آٰءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.8 ° C
18.8 °
18.8 °
17 %
4.4kmh
0 %
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون