- Advertisement -
سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آھي ته سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال نڪتا ته سنڌ سڪي ويندي ۽ سمنڊ جو پاڻي شاھبندر ۽ جاتي کي ٻوڙي تباھ ڪري ڇڏيندو.
جاتي ۾ جاڳرتا ريلي جي قيادت بعد خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ کانپوءِ سمنڊ جو کارو پاڻي سجاول تائين پهچي ويندو ۽ پوءِ سنڌين کي پنهنجو موت ڏسڻ ۾ ايندو، ان ڪري عملي جدو جهد ڪري درياهه کي بچائڻو پوندو.
قادرمگسي چيو ته پ پ ۽ ن ليگ وارا گڏجي سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪري نوان ڪئنال ٺاھي رھيا آھن ، ڪنهن به صورت ۾ درياهه مان ٻيا ڪئنال ڪڍڻ نه ڏينداسين.
ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌو درياهه بچايو جو پيغام کڻي سنڌ جي جهر جهنگ ۾ وڃي عوام کي سجاڳ ٿيڻ جو پيغام ڏئي رھيا آھيون.
ھڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر قادرمگسي چيو ته وڪيل قانون جي بالادستي لاءِ احتجاج ڪري رھيا آھن، سندن جدوجهد جي حمايت ڪريون ٿا.
ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ پوليس ڏوھن ۾ ملوٽ آھي، ايس ايس پي حيدرآباد کي فوري ھٽائڻ گهرجي.- Advertisement -
