- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته جٽادار ۽ امن رڳو فلسطين مسئلي جي حل سان ئي ممڪن آهي، 1967ع کان اڳ وارين سرحدن تي آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ اڻٽر آهي.
دبئي ۾ ورلڊ گورنمينٽس سمٽ کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته اجلاس اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن غزا تڪرار جي اثرن مان نڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪري، آزاد فلسطين جي گاديءَ وارو شهر القدس شريف آهي.
هن چيو ته غزا ۾ نسل ڪشيءَ تي ٻڌل آپريشن ڪيو ويو، 50 هزار فلسطيني شهيد ٿيا، فلسطين مسئلي جو حل گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ٿيڻ گهرجي.
وزيراعظم چيو ته جٽادار منصفاڻو امن رڳو ٻه رياستي حل سان ئي ممڪن آهي، 1967ع کان اڳ وارين سرحدن تي آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ اڻٽر آهي.
شهبازشريف چيو ته دبئي مستقبل جو معاشي مرڪز آهي، اڏام پاڪستان معاشي ترقي جيان اهم قدم آهي، شمسي توانائي جي هٿي ڏيڻ لاءِ ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ڪئي پئي وڃي، مهانگائي جي شرح گهٽ ٿي 2 ڏهائي 4 جي سطح تي اچي وئي آهي.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان 2030ع تائين قابل تجديد ذريعن سان توانائي حاصل ڪندو، ستن ڏهاڪن ۾ پاڪستانين وڏن چئلينجن کي منهن ڏنو.
شهبازشريف چيو ته توانائي ۽ انفرا اسٽرڪچر، قومي اقتصادي ٽرانسفارميشن جا بنيادي جز آهن، ملڪ جي ستر سيڪڙو آبادي 30 ورهين کان گهٽ عمر تي ٻڌل آهي، هنرمند افرادي قوت ۽ اسٽريٽجڪ ماحول سيڙپڪاريءَ لاءِ بهترين آهي.- Advertisement -
