تازه ترين

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ وڌيڪ شدت اختيار ڪري ورتي، صوبي ۾ پاڻي جي کوٽ 54 سيڪڙو تائين پهچي وئي

- Advertisement -
سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ وڌيڪ شدت اختيار ڪري ورتي، صوبي ۾ پاڻي جي کوٽ 54 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. سنڌ جي ٽنهي بئراجن مان سکر بئراج وڌيڪ متاثر ٿي آهي، سکر بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ 72 ڏهائي 56 سيڪڙو ٿي وئي. گڊو بئراج وٽ چويهه ڪلاڪن اندر پاڻي جي سطح ساڳتي برقرار رهي. گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون 21 هزار 151 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 17 هزار 95 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. گڊو بئراج مان نڪرندڙ بيگاري سنڌ فيڊر کي پاڻي فراهمي بدستور بند آهي. گڊو بئراج مان نڪرندڙ ڊزرٽ پٽ فيڊر ۾ هڪ هزار 873 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي. گڊو بئراج مان نڪرندڙ گهوٽڪي فيڊر ۾ 2 هزار 183 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي. سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 13 هزار 860 ۽ هيٺانهون وهڪرو 6 هزار 40 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. سکر بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ ۾ مسلسل اضافو رڪارڊ ڪيو پيو وڃي. سکر بئراج وٽ پاڻي جي گهرج 28 هزار 900 ڪيوسڪ آهي جڏهن ته واهن کي رڳو 7 هزار 20 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي. سکر بئراج وٽ واهن ۾ وارا بندي وارو عمل جاري آهي، دادو ڪئنال کي پاڻي جي گهرج 3 هزار هڪ سئو ڪيوسڪ آهي جڏهن ته واهه کي 350 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي. نارا ڪئنال کي پاڻي جي گهرج 8 هزار 300 ڪيوسڪ آهي پر واهه کي رڳو 2 هزار 700 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي. خيرپور فيڊر ايسٽ کي 1500 ڪيوسڪ پاڻي جي گهرج آهي جڏهن ته واهه کي رڳو 500 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي. روهڙي ڪئنال کي پاڻي جي گهرج 11 هزار 500 ڪيوسڪ آهي جڏهن ته واهه کي 2 هزار 700 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي. ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن پاڻي جي کوٽ تي فوري طور ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته ايندڙ مهينن ۾ زرعي ۽ گهريلو سطح تي وڏو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
8 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
6 %
5.9kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
36 °

تازه ترين خبرون