تازه ترين

ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ڪريڪ ۾ نجي هائوسنگ سوسائٽي ۾ ڪم دوران گيس لائين ۾ باهه لڳي وئي

- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ڪريڪ ۾ نجي هائوسنگ سوسائٽي ۾ ڪم دوران گيس لائين ۾ باهه لڳي وئي. ڪورنگي ڪراسنگ ڀرسان لڳل باهه تي 7 ڪلاڪ گذرڻ باوجود به ضابطو ناهي اچي سگھي، 6 فائر ٽينڊر باهه وسائڻ ۾ مصروف آهن. فائر برگيڊ عملدارن جو چوڻ آهي ته باهه وسائڻ لاءِ سڄي شهر مان فائر برگيڊ طلب ڪئي وئي آهي، باهه جي شدت تيز هئڻ سبب فوم جو استعمال ڪيو پيو وڃي. فائر آفيسر محمد ظفر جو چوڻ آهي ته باهه پراسرار آهي، سمجهه ۾ نه پيو اچي ته لائين ڪنهن جي آهي، باهه تي پاڻي هاريو پيو وڃي ته هو واپس اُڏي اچي رهيو آهي، ايس ايس جي جو عملو به پهچي ويو. هن چيو ته باهه جنهن کڏ مان نڪري رهي آهي ان کي ڊمپر يا هيليڪاپٽر ذريعي مٽي وجهي بند ڪرڻ جي ضرورت آهي. باهه جا شعلا ۽ دونهين جا ڪڪر ڊفينس فيز 8 سميت مختلف علائقن ۾ ڏسي سگھجن ٿا. ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته باهه گيس پائپ لائين ۾ ئي لڳي آهي، پاڻي جي بوردنگ دوران گيس لائين کي نقصان پهتو آهي. هوڏانهن سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوريءَ ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي سان فون تي رابطو ڪري ڪورنگي ڪراسنگ ۾ لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ هيليڪاپٽر جي فوري فراهمي ممڪن بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪامران ٽسوري فائر آفيسر کي هيليڪاپٽر جي فراهمي لاءِ لاڳاپيل عملدارن سان رابطي جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته فائر برگيڊ عملي کي باهه وسائڻ لاءِ هر ممڪن سهولت ڏني وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
6 %
5.9kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
36 °

تازه ترين خبرون